لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻارن سميت 21 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن 12 ٻارن ۽ 2 عورتن سميت 21 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 4  سالن جو امتياز پٽ عبدالجبار، 4 سالن جو عبدالستار پٽ غوث بخش، 5 سالن جو شاهزيب پٽ محمد عرس، 5 سالن جو مهتاب پٽ عبدالرئوف، 7 سالن جو قدير پٽ مظفر، 7 سالن جو جميل پٽ امتياز، 9 سالن جو راحب احمد پٽ نصيرالدين، 10 سالن جو ساحل پٽ اصغر، 10 سالن جو ياسين پٽ رسول بخش، 12 سالن جي بينظير ڌيءَ لطف علي، 12 سالن جي خوشبو ڌيءَ ديدار حسين، 14 سالن جو قاسم پٽ جاويد، 16 سالن جو راحب علي پٽ علي شير، 19 سالن جو گلشن پٽ روشن علي، 20 سالن جو عبدالغفار پٽ حسين بخش، 26 سالن جي سلميٰ زال محمد شريف، 28 سالن جو محمد حسن پٽ علي حسن، 30 سالن جو اعجاز علي پٽ نياز علي، 50 سالن جي گنج بيبي زال غلام رسول، 60 سالن جو شمن علي پٽ شاهه محمد ۽ 65 سالن جو پهلاج راءِ پٽ گيانچند شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.