رتي ديري ۾ جلباڻي ۽ ڪٽوهر جي جيهڙي جو ڪيس داخل

رتوديرو (ن ع آ) گذريل رات دير سان رتوديرو لڳ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ يعقوب جلباڻي ۾ جلباڻي ۽ ڪٽوهر برادري ۾ پراڻي  خوني تڪرار ۾ ٿيل فائرنگ ۽ جھيڙي جي ايف آءِ آر پوليس پاران انسپيڪٽر نور احمد مغيري جي فرياد تي گناهه نمبر 2021 / 33 قلم 149 / 148 / 324 / 353 تحت 11 ڄڻن بهارو خان ، پيارو خان ٻئي پٽ ٺارو خان ڏاهاڻي ، امان الله عرف امانو ، نور حسين ڪٽوهر ، خان محمد ، برڪت ، لياقت ، شوڪت ، اسلم ، حوران خان ، ۽ ڪالو مٿان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي پوليس ايف آءِ آر ۾ پنهنجي موقوف ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان پنهنجي معمول واري گشت تي هياسين ته اسان کي اطلاع مليو ته جلباڻي ۽ ڪٽوهر خوني تڪرار ۾ هلندڙ فائرنگ سبب بدنام ڏوهاري بهارو ڏاهاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ ڳوٺ يعقوب جلباڻي تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي اسان وڻن جي آڙ وٺي ويهي رهياسين جنهن بعد اسان ڄاڻايل جوابدارن کي سڃاتو ۽ اسان هنن کي آگاه ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو پر هنن پوليس مٿان خون ڪرڻ جي ارادي سان فائرنگ ڪئي پوليس جواب ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ فائرنگ ڪئي جنهن ۾ جوابدار نور حسين ڪٽوهر مارجي ويو مارجي ويل جوابدار نور حسين ڪٽوهر جو لاش سندس جو چاچو کڻائي ويو آهي . هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو سرفراز احمد پيچوهو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملوث جوابدارن مٿان نئون ديرو ، ڳڙهي خيرو ، محمد پور ، جيڪب آباد ، پنهون ڀٽي سميت ٻين ٿاڻن تي به قتل سميت مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن اڃا وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پوليس ملوث جوابدارن مان ڪنهن کي به گرفتار ڪري نه سگھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.