دادو ۾ڌيءُ جو نابين پيءُ تي تشدد، گهران ڪڍي ڇڏيو

دادو ( ڊ ر) دادو ڀرسان  مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيسي ٻٻر ۾ سڳي ڌي شازيه ٻٻر اکين کان نابين پيرسن پيءَ گنهور ٻٻر کي تشدد  ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، نابين پيرسن درگاه مخدوم بلاول تي پناهه ورتي آهي، نابين اکين مان لڙڪ هاريندي چيو ته پٽ جو اولاد نه آھي هڪ نياڻي جو اولاد آھي جنهن اڄ ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي هن چيو ته ٿاڻي تي ڪون ويندس ڇاڪاڻ ته نياڻي سان بي پناهه محبت آھي کيس پوليس جي هٿان تذليل ٿيڻ برداشت نه ٿيندو هن چيو ته نياڻي کي پالي وڏو ڪيو شادي ڪرائي، سڀ ڪجهه نياڻي کي لکي ڏنو اٿم هاڻي ڪجهه به نه آھي پيرسن زارو قطار روئيندو چيو ته بقايا زندگي درگاهه تي گذارڻ چاهيان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.