ڪرپٽ نادرا آفيسرن کي سزا ڏني وڃي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد )پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 40 لک افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين جا شناختي ڪارڊ  ٺاھڻ ۾ ملوث نادرا عملي ۽ آفيسرن کي برطرف ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نشاندھي ڪيل لکين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور واپس موڪليو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ جيڪو به غير قانوني پرڏيھي اچي ٿو ان جي آخري منزل ڪراچي آھي، جنھن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿي رھيا آھن۔ غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن، روزگار تي بار آھن ۽ امن امان لاء وڏو خطرو آھن۔ غير قانوني ماڻھن ۾ ڪلڀوشن جھڙا دھشتگرد لڪل آھن۔ اھي ملڪ لاء خطرو آھن۔ . اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي۔ جنھن پوکيل فصلن کي نقصان ٿي رھيو آھي ۽ زمينون بنجر ٿي رھيون آھن۔ پاڻي جي چوري ۽ ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري سنڌ ۾ ماڻھو وڏي عذاب مان گذري رھيا آھن۔ بجلي فراھم ڪندڙ عملو پاڻ بجلي چوري ۾ ملوث آھي۔ جيڪو قانوني صارفين کي ناجائز ڳرا بل موڪلي لکين روپين جو باقيدار بنائي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ لوڊشيڊنگ ۾ چئني صوبن کي شامل ڪيو وڃي۔ مسئلا ۽ مصيبتون رڳو سنڌ جي ڳچي ۾ نہ ھنيون وڃن۔ بجلي فراھم ڪندڙ ڪرپٽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انھن کي برطرف ڪيو وڃي ۽ اداري ۾ شفافيت آندي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.