وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته سنڌ ۾ شديد پاڻي جو بحران آھي اڃا تائين آبادگار سارين جو ٻيجارو  به نه پوکي سگھيا آھي سنڌو درياء جو پاڻي وفاق چوري ڪري ٿو پاڻي جي کوٽ جي ڪري سنڌ بنجر بڻجي وئي آھي اھڙو اظھار ھن حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌ کي پنھجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي جيئن سنڌي قوم بک بدحالي غربت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھي جڏھن سنڌ جون زمينون سرسبز آباد ھونديو ھيون تڏھن ھر طرف خوشحالي نظر ايندي ھئي جڏھن کان سنڌو درياء تي بند ٻڌڻ جون سازشون ٿيون آھن . تڏھن کان سنڌ ٽڪر جي ور چڙھي وئي آھي۔انھي موقعي تي محمد علي خشڪ۔عبدالا ميراڻي۔قادربخش زئور۔انور خاصخيلي۔جنيد زئور۔علي رضا خاصخيلي۔حاجي ميراخور ۽ گلشير چانگ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.