چمبڙ اسپتال جا چاپڙ ڪري پيا، مريضن جون دانهون

چمبڙ (ت ر) چمبڙ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ايمرجنسي وارڊ جي ڇت چاپڙ ڪري پيا علاج لاء آيل مريضن جون دانھون، مريضن سان گڏ آيل وارثن ۾  ڀاڄ، اسپتال انتظاميا، جون دانھون، سينٽري ملازم ايمرجنسي وارڊ ۾ ٻھاري ڪڍڻ ويو تہ ڇت جي ھڪ حصي  جا چاپڙ. زوردار ڌماڪي سان ڪري پيا، اسپتال عملي توڙي علاج خاطر آيل مريضن ۾ رڙيون، ڪو بہ جاني نقصان نہ ٿيو. ياد رھي تہ ڪجھ ٽائم پھرين بہ چاپڙ ڪريا ھئا جنھن سبب سينيٽري ملازم سخت زخمي ٿيو ھو. واقعي جو اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر رشيداحمد زرداري نوٽيس وٽي ٽيم موڪلي وزٽ ڪيو ويو ھو، ڊي سي ايمرجنسي بلڊنگ کي خطرناڪ قرار ڏنو ھو ۽ تمام جلد ايمرجنسي وارڊ ٺھرائي ڏيڻ جو وائدو پڻ ڪيو ھو پر افسوس ڊي سي صاحب جا ڪيل واعدا خواب بڻجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.