جونگل لڳ ٻارڙي پاڻي جي بالٽي ۾ ٻڏي فوت

جونگل (ن ع آ) جونگل ۾ معصوم نينگري پاڻي جي ڀريل بالٽي ۾ ڪري ٻڏي فوت گهرڀاتين ۾ روڄ تفصيل موجب جونگل بي سيڪشن  ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورمحمد خان پهوڙ ۾ سياسي اڳواڻ ميراحسان خان پهوڙ جي پوٽي سيف الله پهوڙ جي 11 مهينن جي معصوم نياڻي زرتاج گل بي بي گهر اندر بيڊ تي ستل هئي ته  اچانڪ اي سي جي پاڻي جي ڀريل بالٽي ۾ ڪري ٻڏي ٿڏي تي فوت ٿي وئي نينگري جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ڀاتين ۾ روڄ پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.