خانپور مهر لڳ مقتول نوجوان جي قبرڪشائي

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر ويجهو اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ پير بري واري علائقي ۾  نوجوان ضمير بوزدار جي جي قتل وارو معاملو، جهيڙي / ۾ قتل ٿي ويل نوجوان ضمير بوزدار جي قبر ڪُشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا ويا، قتل وقت ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ تي مقتول جي امڙ مسمات ماروي زال بچل بوزدار گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي سکر ميڊيڪل بورڊ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر شاهد اقبال، ڊاڪٽر ضمير حسين گهانگهرو ،ڊاڪٽر امان الله، ڊاڪٽر محمد ياسين تي جوڙيل ٽيم سول جج گهوٽڪي واجد علي دايو جي اڳواڻي ۾ پير بري واري علائقي ۾ پهتي، جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم صفائي عملي جي مدد سان قبر ڪشائي ڪئي، ان موقعي تي سکر کان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم انچارج ڪنزيومر پروٽيڪشن سول جج گهوٽڪي واجد علي دايو جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا، ان سلسلي ۾ خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او خانپورمهر اختيار احمد پنهور ٻڌايو ته مارجي ويل نوجوان ضمير بوزدار جي امڙ گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي اڄ سکر کان ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا ويا آهن جيڪي اڱاري ڏينهن ليبارٽري اماڻيا ويندا، رپورٽ اچڻ بعد خبر پئجي ويندي. واضع رهي ته اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙي دوران ضمير بوزدار قتل ٿيو هو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.