پيرڳوٺ ۾فوتي امڙ جو اگني سنڪار، پٽ جو لاش هٿ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) سکر ۾ بلڊ بينڪ اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيل پيرجوڳوٺ واسڻ عورت جو اگني سنڪسار، آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو، گهرن ۾ قھرام متل، خبرموجب، سکر ۾ بلڊ بينڪ اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيل پيرجوڳوٺ واسڻ عورت سکي ٻائي جو اگني سنڪسار پيرجوڳوٺ جي مسڻ ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ پيرجوڳوٺ، خيرپور، سکر، جيڪب آباد، ڏھرڪي، رھڙڪي ۽ ٻين علائقن جي هندو برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن امڙ جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي دلبرداشت نه ٿيڻ تي سنڌو درياھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙ درشن لعل جو لاش نيوي اهلڪارن پاران گهڻي ڳولھا بعد هٿ ڪري ورتو، نوجوان جو لاش سکر اسپتال نيو ويو ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش پيرجوڳوٺ گهر پھچڻ تي گهرام مچي ويو، هوڏانهن نوجوان درشن لعل ۽ سندس امڙ سکي ٻائي جي وارثن ۾ قھرام متل آھي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي هندو برادري جي چڱن مڙسن ٻانھو مل، ڪشن چند، ڊاڪٽر لڪي داس جو چوڻ آھي ته بلڊ بينڪ اسپتال سکر انتظاميا جي لاپرواھي سبب 2 انساني زندگيون ضايع ٿيون آھن هندو پنچائت جي گڏيل فيصلي موجب اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.