ڊکڻ لڳ هڪ ئي رات چوري جون 3 وارداتون

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ  ئي رات چوري جون 3 وارڌاتون پيش آيون آهن،جنهن مطابق سمندر خان گوپانگ ۾ نامعلوم چور ٻن دڪاندارن نثار احمد گوپانگ ۽ برڪت نوناري جي دڪانن کي کاٽ هڻي هزارين روپيا روڪ رقم جڏھن ته ڳوٺ احمد آباد مان قيصر عيساڻي جي ڳئون چوري ڪري ويا،جڏهن ته ڳوٺاڻن فائرنگ ڪري ڳئون ڇڏائي ورتي،هوڏانهن ڀاڳين ۽ پوليس پاران کوجي ڪتن ذريعي کڻايل پيرا رستي۾ گم ٿي ويا، هوڏانهن  بدامني ۽ ايس ايڇ او نبي شاهه وڳڻ ڪاشف گاڏهي جي بدلي خلاف ڳوٺ سمندر گوپانگ جي رهواسين حاجي ثناءُ گوپانگ جي اڳوڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ سمندر خان گوپانگ جي  احتجاج ڪندڙ مظاهرين  چيو ته نبي شاھ وڳڻ  ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي،جنهن سبب چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، ايس ايڇ او نبي شاهه وڳڻ ڪاشف گاڏهي علائقي ۾  امان ڪرايو هو، جنهن جي بدلي کانپوءِ   3 چوري جون وارڌاتون پيش آيون آهن  ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو نوٽيس وٺي  ايس ايڇ او ڪاشف گاڏهي کي ٻيهر ايس ايڇ او نبي وڳڻ مقرر ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي نبي شاھ پوليس ٻڌايو ته چورين ۾ ملوث جوابدارن جا پيرا کڻايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.