نارو ۽ ڀرپاسي گيسٽرو پکڙيل، دوائون اڻلڀ

نارو (ن ع آ) نارا تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن چونڊڪو سڪندرآباد. تجل. کينهواري. ڪاٺوڙ. کيٽ..ڳوٺ اميربخش ڀنڀرو.پيارو خاصخيلي ۽  ٻين علائقن ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته گيسٽرو ۾ مبتلا 60 سالا پيرسن محمد عثمان خاصخيلي.60 سالا لطيف ڏنو ڀنڀرو.36سالا نياز ولد حاجن خان ڀنڀرو.45سالا .مسمات سڀاڳي زال نواز علي شيخ.لشمي ٻائي. 13سالا هرگن ولد ويرجي ڀيل سميت 26 جي لڳ ڀڳ مريضن کي چونڊڪو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا غريب ۽ بي پهچ مريضن لاء دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن اسپتال ۾ سرڪاري دوائون نه ملڻ سبب  غريب ۽ بي پهچ مريض دوا وٺڻ لاء پريشان آهن پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي مهانگيون دوائون غريب مريضن جي پهچ کان پري آهن ان سلسلي ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ دوائون نه ٿيون ملن پئسا ناهن ڪٿان علاج ڪرائجي حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته دوائون مهيا ڪيون وڃن ٻئي طرف اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر يارمحمد مرکنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سخت گرمي سبب گيسٽرو جي بيماري وڏي پئماني تي پکڙجي وئي آهي.  روزانو 25کان 30جي لڳ ڀڳ گيسٽرو ۾ مبتلا مريض اسپتال ۾ اچن ٿا اسان وٽ جيڪي دوائون آهن اهي مريضن کي ڏيون پيا اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.