ڦل واسي چئن ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڌرڻن جو اعلان

دريا خان مري (ن ع آ) ڦل ويجھو قتل ڪيل 4 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وڳڻ برادري ۽ وارثن نوشھرو فيروز ضلعي جي 2 شاھراھن تي اڳارو ڏينھن 2 شاھراھن تي ڌرڻا ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو وارثن  جو چوڻ آھي ته جوابدارن کي سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي پٺڀرائي ھجڻ سبب پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار ناھي ٿيو قتل ڪيس جي ايف آء آر م نامزد 3 نامعلوم جوابدارن جي پڻ سڃاڻپ ٿي وئي آھي دريا خان مري ويجھو پريس ڪانفرنس ڪندي 4 مقتولن جي وارثن حسين بخش وڳڻ ڪالو خان وڳڻ شعبان وڳڻ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس 4 ڄڻن جي قاتلن مان ھڪ به جوابدار گرفتار ناھي ڪري سگھي پوليس رڳو خانه پوري لاء جوابدارن جي ڳوٺ جا چڪر ڪاٽي رھي آھي ھنن ٻڌايو ته ايندڙ اڳاري 13 جولاء تي دريا خان مري ويجھو مھراڻ ھاء وي ۽ نوشھروفيروز ويجھو قومي شاھراھ تي ڌار ڌار ڌرڻا ھڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا ھنن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيء جي حمايت حاصل ھئڻ ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران کين تحفظ ڏئي رھي آھي . مقتولن جي وارثن ٻڌايو ته ايف آء آر م نامزد 3 نامعلوم ماڻھن جي پڻ سڃاڻپ ٿي وئي آھي جن ايف آء آر م شامل ڪيو ويندو ھنن ٻڌايو ته زمين جو تڪرار 25 سال اڳ حل ٿي چڪو ھيو فيصلي توڙي ڪورٽ م زمين اسان کي ڏني وئي ھئي جنھن جي لکت به موجود آھي 4 قتلن کي زميني تڪرار سان ڳنڍڻ سراسر غلط آھي ھنن ٻڌايو ته پوليس توڙي سنڌ حڪومت کي بار بار درخواستون ڏيڻ باوجود ڪوبه تحفظ نه ڏنو ويو جنھن جي ڪري خونريزي ٿي ھنن وڌيڪ چيو اسان جا پرامن ڌرڻا قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.