ڏيپلي لڳ سومر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

ڏيپلو (ت ر) ڏيپلو تعلقه جي ڳوٺ ٻولھاڙي جي سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي  ڳالهه تان جھيڙو، عورت سميت چار ڄڻا زخمي، زخمي علاج لاءِ ڏيپلو اسپتال داخل۔ ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ٻولهاڙي ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو مسئلي تان جهيڙو ٿي پيو۔ جهيڙي دوران هڪ ڌر پاران بندوق جا فائر ڪيا ويا۔ جنهن ۾ بندوق جا ڇيرا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٻه ڄڻا جان محمد سومرو ۽ ابراھيم سومرو زخمي ٿي پيا ۽ ٻي ڌر جي هڪ عورت عقيلان ۽ الهورايو سومرو لٺين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا۔ جن کي علاج لا۽ تعلقه اسپتال ڏيپلو داخل ڪيا ويا آهن۔ پوليس پاران ٻنهي ڌرين کي علاج جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي۔ زخمي جان محمد وارن جو چوڻ آهي ته گھريلو جھيڙو ٿي پيو جنهن تان ڪاوڙجي الھورايو ۽ حفيظ بندوق جا فائر ڪري اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو ـ جڏهن ته ٻي ڌر الهورايو وارن جو چوڻ آهي ته جان محمد جڏهن به ڳوٺ ايندو آهي ته اسان سان سنگاوتي تڪرار تان گار گند ڪندو آهي ۽ منهنجي نياڻي کي مارڪٽ ڪندو آهي۔ دانهن ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ٻي ڌي۽ تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ۽ پو۽ ڊرامون رچايو ويو آهي.

روهڙي ويجهو تذليل واقعو، 2 جوابدار گرفتار

سکر(رپورٽر) روهڙي ويجھو جتوئي برادري جي ٻن ماڻهن کي اغوا بعد تذليل ڪرڻ وارو  معاملو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪر ورتو، خبر موجب: روهڙي ويجھو چوري معاملي تان تذليل ڪيل ٻن جاگيراڻي جي پلاند ۾ روهڙي ويجھو ٻن جتوئي برادري جي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ بعد تذليل ڪرڻ وارن ٻن جوابدارن کي پوليس پاران سوشل ميڊيا ۾ وائرل ٿيل ويڊيو جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته مبينا چوري معاملي تان ٿيل معاملي ۾ جاگيراڻي برادري پاران بدلي وٺڻ لاءِ جتوئي برادري جي ٻن ماڻهن کي دبر موڙ وٽ وينگن مان لاهڻ بعد اغوا ڪري کين تذليل ڪئي هئي جنهن جي وائرل ٿيل ويڊيو جي مدد سان ٻن جوابدارن محرم ۽ قربان جاگيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 سنڌو درياهه ۾ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش هٿ نه آيو

سکر(رپورٽر)  گذريل ڏينهن ماءُ جي فوت ٿيڻ سبب صدمي ۾ اچي سنڌو دريا ۾ ٽپو ڏيندڙ  نوجوان درشن لعل جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، نوجوان جي وارثن، شهرين ۽ ٽوٻن ذريعي لاش جي ڳولها جاري. خبر موجب: گذريل ڏينهن پير ڳوٺ جي هندو عورت جي فوت ٿيڻ بعد صدمي ۾ اچي هندن جي مذهبي درسگاهه تان دريا ۾ ٽپو ڏيندڙ سندس پٽ درشن لعل جو لاش هن وقت تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي، جنهن جي ڳولها لاءِ نوجوان جي وارثن، شهرين ۽ ٽوٻن پاران ڪوشش جاري آهي، جڏهن ته آخري اطلاع تائين نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.