مٽياري ۾ بدفعلي ڪيس ۾ جوابدار کي 10 سال جي سزا

مٽياري (ڊ ر) ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي عدالت زنا ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رضوان کي 10 سالن جي سزا  ٻڌائي ڇڏي، جوابدار مٿان گناهه 137 تحت زنا ڪرڻ جو ڪيس ھالا ٿاڻي تي داخل ٿيل هو. فريادي الهه رکيو ڳاھوٽي فرياد ڪرائي هئي ته جوابدار رضوان ستن ورهين جي لاوش ڳاهوٽي سان زنا ڪئي هئي.ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته نينگري هالا شهر ۾ کير وٺڻ وئي ته جوابدار کيس سندس گهر وٺي  ويو هو ۽ ساڻس زنا ڪئي ھئي جنھن جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار رضوان ڳاھوٽي کي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 10 سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

چمبڙ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

چمبڙ (ت ر ) چمبڙ ويجھي ڳوٺ چوڌري رياض وڙائچ ۾ پاڻي جي واري تان  تڪرار  آرائين ۽ گجر برادري جو جھيڙو ٿي پيو  ٻنھي ڌرين ۾ ٻن ڪلاڪن تائين آمون سامھون فائرنگ ٿي جتي ٻنھي ڌرين جا ٻہ  ماڻھو سخت زخمي پيا فائرنگ دوران وڪيل بشير گجر جو ڪمدار ڳوٺ غلام حسين لنڊ واسي عاشق پٽ محمد بچل لنڊ  ۽ آرائين برادري جي بزرگ 70 ورھين جي زميندار رزاق آرائين کي گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي چمبڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي رولر ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو جتان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد پورھيت عاشق لنڊ ۽ سامھون ڌر جو زميندار رزاق آرائين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناٿي ساڳيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.