اوٻاوڙي ۾ چور مسجد مان بيٽريون چورائي ويا

اوٻاوڙو (ت ر)  اوٻاوڙو لڳ ريتي شھر ۾ بدامني وڌي وئي چوريون روز جو معمول بڻيل چورن الله جي گھر کي به بخش نه ڪيو ريتي جي  پراڻي ٿاڻي واري مسجد ۽ خان پاڙي جي جامع مسجد جون بيٽريون چور چوري ڪري ويا اطلاع باوجود ريتي پوليس چورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي مسجد ڪاميٽي جي اڳواڻن مولوي محمد علي قادري،اشفاق احمد سومرو ٻڌايو ته صبح جي  نماز کان بعد مسجد مان بيٽريون چوري ٿيون آھن ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ريتي ٿاڻي تي رپورٽ ڪئي آھي پوليس ڪچي بڪ ۾ انٽري ڪري خاموش ٿي ويھي رھي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس جي اھڙي رويي جي ڪري شھر۾ بدامني وڌي رھي آھي . ھنن شڪ  ظاھر ڪندي چيو ته مسجد ويجھو خانه بدوش لڏاڻا وارا ويٺاھئا جيڪي اڄ ھتان لڏي ويا آھن انھن کان جاچ ڪئي وڃي ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته مسجدن مان ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽس وٺي ريتي ٿاڻي جي پوليس کي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي پابندي سان ڊيوٽي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.