دادو ۾ڊاڪٽرياڻي کي حراسان ڪرڻ واري معاملي جو ٺاهه ٿي ويو

دادو (ڊ ر) جوهي جي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ليڊي ڊاڪٽرياڻي کي جنسي حراسان ڪرڻ  وارو معاملو:- جوهي جي ليڊي ڊاڪٽرياڻي کي اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي صاحب خان لنڊ پاران جنسي حراسان ڪرڻ واري معاملو راڄوڻي طور ٺاهه ٿي ويو، ليڊي ڊاڪٽرياڻي حسنا بلوچ عدالت ۾ ڏنل درخواست واپس وٺندي راضي نامون جمع ڪرائي ڇڏيو، دادو جي عدالت ڌرين وچ ۾ راضي نامو جمع ڪرائڻ بعد درخواست ڊس مس ڪري ڇڏي، الزام هڻندڙ ليڊي ڊاڪٽرياڻي حسنا بلوچ اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي صاحب خان لنڊ جي ڦڦاٽ جي ڌي آهي، ذريعن موجب راڄوڻي ذريعي معاملو هل ڪيو ويو آهي.

ٽنڊي باگي مان جوابدار گرفتار، 3 ڪلو چرس هٿ

ٽنڊوباگو (ت ر ) ٽنڊوباگو پوليس پاران ٽنڊوباگو لڳ وھڻائي موري وٽان ھڪ جوابدار نالي  ذوالفقار بروھي کي گرفتار ڪري وٽانس 3 ڪلو چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوئ ڪندي جوابدار ذوالفقار بروھي مٿي منشيات جي قلمن ھيٺ  ايف آ۽ آر نمبر 61.2001 تحت 9 سي  موجب   ڪيس داخل ڪري کيس جيل حوالي ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.