حيدرآباد ۽ ڄامشوري اسپتالن ۾ علاج ڪورونا وئڪسين سان مشروط

حيدرآباد  ( رپورٽر) لياقت يونيورسٽي  اسپتال حيدراباد ۽ ڄامشورو  ڪرونا وائرس جي مرض کان بچڻ لاءِ دوا ۽ طبي معائنو ويڪسينيشن  سينٽر جي طبي معائني ۽ ويڪسينيشن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي لياقت اسپتال جي  ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن عبدالستار  جتوئي مريضن کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسپتال اچڻ وقت پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچن ته جيئن مريضن جي ويڪسينيشن ٿي سگهي ويڪسينيشن سينٽر سول اسپتال جي او پي ڊي ۾ صبح جو 8 وڳي کان ٻن پهرن جو 2 وڳي تائين کليل رهندو. هن چيو ته ويڪسينيشن سينٽر ۾ معائني کانسواءِ ڪنهن به مريض کي دوا ملي نه سگهندي. هن چيو ته اهڙا مريض جيڪي ٻاهرين شهرن کان آيل هوندا تن کي دوا ڏئي ٻيهر اچڻ تي ويڪسينيشن لاءِ پا بند ڪيو ويندو اسپتال جي انتظاميه اهڙو فيصلو صحت کاتي جي اختيارين ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدراباد فواد غفار سومرو جي هدايتن جي روشني ۾ ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.