راڳي سوڍل فقير کي مرض ۽ مفلسي بيحال ڪري ڇڏيو

مورو (ن ع آ ) موري جو ناميارو ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشھور  سريلو صوفي راڳي سوڊو فقير لغاري غربت جي ور چڙھي ويو،گھر جو چرخو ھلائڻ ۾ سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻ لڳو،عوامي آواز جي نمائندي سان ڳالھائيندي صوفي راڳي سوڊي فقير لغاري چيو ت سڄي صوفي راڳ کي ارپي آھي، زندگي جو وڏو عرصو ريڊيو، ٽي وي ۽  اسٽيج تي صوفي راڳ ڳائي ماڻھن ۾ چار چنڊ لڳايا آھن،مون اڪثر شاعري ڀٽائي سائين،سچل سرمت،شاھ عنايت کي وڌ کان وڌ ڳايو آھي،جڏھن ت ثقافت کاتي طرفان مون کي ايوارڊ پڻ مليل آھن،زندگي جو گھڻو حصو صوفي گيڙو پائي  راڳ ڳايو آھي  پر ھاڻي بيماري سبب  آواز،۽ جسم ڪمزور ھجڻ ڪري ساٿ نٿو ڏئي، جنھن جي ڪري زندگي گھارڻ ۾سخت ڏکيائون پيش اچن پيون،بيروزگاري سبب عيد جون خشين کان ب محروم آھيان،مھانگائي سبب گھر جي چلھ ب نٿي ٻري مان سرھندي وارن ۽ ثقافت کاتي کان پرزور مطالبو ۽ گھر ڪيان ٿو ت منھنجي واھر ڪئي وڃي ت بقايا زندگي چڱي طرح گذاري سگھان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.