لاڙڪاڻي ۾ قيدين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج، معطل ٿيل جيل سپريٽيڊنٽ جي بحالي جو مطالبو، آءِ جي جيل نوٽيس  ورتو، ڊي آءِ جي جيل سکر ۽ سپريٽيڊنٽ جيل شڪارپور ڳالهين لاءِ سينٽرل جيل پهچي ويا، قيدين پاران ڳالهين کان انڪار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين پاران ڪالهه ٽئين ڏينهن به موبائل فون ۽ ٻيون منع ٿيل شيون هٿ اچڻ واري معاملي تان گهرو کاتي طرفان معطل ڪيل جيل سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو جي بحالي ۽ ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ نظر محمد گاد جي مقرري خلاف جيل اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار ڪندي جيل انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي قيدين بشو شابراڻي، محمد علي کوکر، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار پاران بلاجواز جيل سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو کي معطل ڪري سندس جاءِ تي ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ نظر محمد گاد کي مقرر ڪري اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي جيڪو قيدين جو دشمن هئڻ سان گڏ مسلسل ڌمڪائي احتجاج ڪرڻ تي سخت سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته اسين جيل اندر ٽن ڏينهن کان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ جيل سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو قيدين جو هڏڏوکي ۽ قانون موجب سهولتون فراهم ڪيون پر ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ ويتر اسان کي مليل سهولتون کسي ناانصافي ڪري رهيو آهي. هنن آءِ جي جيل کي اپيل ڪئي ته جيل سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو کي ٻيهر لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ بطور جيل سپريٽيڊنٽ مقرر ڪري ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ نظر محمد گاد کي عهدي تان هٽائي قيدين کي قانون موجب سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت قيدين جو احتجاج اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندو جنهن جي ذميواري جيل انتظاميه مٿان هوندي. هوڏانهن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين پاران گذريل ٽن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج جو آءِ جي جيل خانه جات سنڌ نوٽيس ورتو جنهن بعد ڊي آءِ جي سکر سينٽرل جيل راجا ممتاز احمد ۽ سپريٽيڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور اشفاق ڪلوڙ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پهتا جتي ٻنهي عملدارن ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ نظر محمد گاد سان ملاقات ڪري قيدين جي مسئلن بابت تفصيل ورتا ۽ قيدين سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي جنهن تي قيدين ڳالهين کان صاف انڪار ڪندي چيو ته جيسيتائين معطل ٿيل جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو کي بحال نه ڪيو ويندو تيسيتائين قيدين جو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين لاڳاپيل عملدارن ۽ قيدين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.