قمبر ۾ شهيد علي گوهر چانڊيو جي تيرهين ورسي

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهيد علي گوهر چانڊيو جي تيرهين ورسي جوش جذبي سان ملهائي قرآن خواني ڪرڻ بعد شهيد  جي مزار اڳيان تعزيعتي جلسو ڪري دعا گهري وئي،ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن رحيم بخش کوسو،فقير يوسف پتوجو، منير احمد بروهي،زبير جتوئي، راشد ڪلهوڙو، ڪامريڊ شوڪت عرف امن چانڊيو،نواب دين چانڊيو،عرفان گوپانگ،محم دجان بروهي،وزير کوسو،ابراهيم چانڊيو،لياقت عمراڻي،يونس چانڊيو، اياز ميرجت ۽ ٻين ورسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد علي گوهر چانڊيو شاگرد جدوجهد جو جرنيل اڳواڻ هو جنهن کي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سپاهي هجڻ جي ڏوهه ۾پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو،هنن وڌيڪ چيو ته تمام جلد غنويٰ ڀٽو جي قيادت ۾ عوامي حڪومت قائم ٿيڻ بعد عوام دشمن قوتن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.  پ پ شهيد ڀٽو غنوايٰ ڀٽو جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهي پارٽي پاليسي تحت خارج ڪيل ماڻهن جو پ پ شهيد ڀٽو سان ڪوبه تعلق ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.