سنڌ پوليس ۾ ڪمپلين سسٽم ۾ سڌارا ۽ ڪجهه گذارشون

ايڊيٽوريل

سنڌ پوليس کاتي جي آءِ جي مشتاق احمد مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمپلين سسٽم ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، جنهن جي لاءِ وزيراعظم پورٽل وانگر هڪ آن لائن پورٽل جوڙيو ويندو جتي ماڻهو آن لائن پوليس ڪمپلين ڪري سگهندا، سندس چوڻ آهي ته سنڌ پوليس ۾ مرڪزي نظام آڻي رهيا آهيون. شهري جيڪا شڪايت آن لائن رجسٽر ڪندا سا جيڪو ماڻهو چاهي اهو آن لائن ڏسي سگهندو، جڏهن ته سسٽم ۾ داخل درخواست کي آن لائن رجسٽر ٿيڻ بعد لاڳاپيل اداري ڏانهن موڪلي ويندي. هن جو چوڻ هيو ته سنڌ پوليس کي هڪ مڪمل طور تي آءِ ٽي بيس هجڻ گهرجي، سڀ کان پهريان جانچ شعبي کي منظم ڪيو ويندو ، سندس اهو به چوڻ هيو ته آن لائن داخل ٿيل درخواست جانچ جي ڪهڙي مرحلي ۾ آهي، ايندڙ پيشي ڪڏهن ٿيندي، ڪهڙو  پوليس اهلڪار ٻڌڻيءَ تي ويو آهي، سندس اهو به چوڻ هيو ته ايڇ آر ايم آءِ  ايس سسٽم ٿاڻن جي سطح تائين اپڊيٽ ڪيو ويندو جيڪڏهن ٿاڻن تي سطح تائين اپ ڊيٽ نه ٿو ٿئي ته ان لاءِ ايس ايڇ او کان ويندي ڊي آءِ جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪمپلين سسٽم جي حوالي سان سنڌ پوليس جي سربراهه جيڪو اعلان ڪيو آهي ۽ جهڙي نموني آن لائن ڪمپلين داخل ڪرڻ جو طريقو ۽ عمل ۽ وري ان جي ڪارروائيءَ جي پوئواري ٻڌائي آهي، سنڌ پوليس کاتي ۾ شڪايتن کي داخل ڪرڻ جي نظام کي بهتر ۽ آن لائن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اسان جو خيال آهي ته ان سان بهتريءَ جي شروعات ضرور ٿيندي ۽ اهڙو عمل تعريف جي لائق آهي.

پر ان سلسلي ۾ اسان ان خيال جا آهيون ته دنيا هاڻي تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ دنيا جا مجموعي سماجن ۾ تبديليون اچي ويون آهن پوءِ اهو سماج ڪهڙو به هُجي، دنيا جي ڪهڙي به قوم جو هُجي، ڪهڙي به ملڪ جو هُجي، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اڄ جيڪڏهن اسان دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي نظر وجهون ٿا ته ۽ انهن جي پوليس نظامن جو مشاهدو ڪيون ٿا ته آڱريون اسان جي ڏندن ۾ اچي وڃن ٿيون، دنيا جي انهن ملڪن ۾ پوليس جو ڪردار عوام جي هڪ خادم طور سامهون اچي ٿو جيڪو پنهنجي ڊيوٽي رڳو اهو سوچي ڪري ٿو ته مون کي سماج جي خدمت ڪرڻي آهي، پوءِ اها خدمت ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي ڏس ۾ هُجي يا وري عوام جي خدمت ڪرڻ جي صورت ۾ هُجي، دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ جتي ڏوهه ماڳين ختم ٿي ويا آهن، جيئن جاپان، اتي پوليس جو ڪردار هڪ سوشل ورڪر جو آهي، جنهن کي اوهان چاهيو ته فون ڪري سبزي خريد ڪرڻ جو به چئي سگهو ٿا ۽ ان کي اهو به چئي سگهو ٿا ته منهنجي گهر جو بلب فيوز ٿي ويو آهي، هي وٺُ پئسا ۽ بلب خريد ڪري مٽائي ڏي، هاڻي پوليس جي اهڙي ڪردار کي ڇا چئجي، اهڙي نموني دنيا جي فنش ڪنٽريز ۾ پڻ ڏوهه نه هجڻ جي برابر آهن اتي به پوليس جو ڪردار هڪ سوشل ورڪر جو ئي ٿي ويو آهي، پر دنيا جا اهي ملڪ جيڪي ٽين دنيا جا ملڪ سڏجن ٿا ۽ وري جي بدقسمتيءَ سان دنيا جي انهن ملڪن ۾ آمريتي راڄ رهيا آهن ته پڪ سمجهو دنيا جي اهڙن ملڪن جي عوام لاءِ پوليس جو کاتو انتهائي ذلت آميز کاتو ليکيو ويندو آهي ۽ پوليس جو عملو عوام لاءِ انتهائي ظالم ۽ ڪريل هوندو آهي، جنهن کان سمورو معاشرو پناهه پيو گهرندو آهي، سوال هي آهي ته اهڙي معاشري ۾ جيڪڏهن پوليس کاتي اندر رڳو عوام جي ڪمپلين کي آن لائن داخل ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو وڃي ته اسين سمجهنداسين ته اهو ناڪافي آهي، اهڙي معاشري ۾ ته پوليس جي مجموعي کاتي ۾ مجموعي ۽ انقلابي تبديلي ۽ سڌارن جي ضرورت آهي ته جيئن پوليس کاتو عوام وٽ وڌ کان وڌ مان وارو ثابت ٿي سگهي، اهو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن پوليس عوام جي خادم ٿيندي.

ان سلسلي ۾ اسان رڳو ايترو چونداسين ته جيڪڏهن اوهان کي پوليس کاتي ۾ ڪي سڌارا آڻڻا آهن ته سڀ کان پهريان پوليس کاتي ۾ وڌ ۾ وڌ تعليم يافته نواجونن کي جاءِ ڏيو، ڪرپٽ، بداخلاق، رڪارڊي ڏوهاري، سياسي دٻاءَ تي ڀرتي ٿيل، فطرتي طور تي ڪٺور، دهشت گرد عناصرن کي پوليس کاتي مان چونڊي چونڊي ٻاهر ڪڍو، ان بعد پوليس کاتي ۾ هيٺ ٿاڻن تائين پوليس نظام جي نئين سر تربيت ۽ تنظيم ڪريو، جنهن جي شروعات پوليس کاتي جي آفيسرن کي ان ڳالهه جي تربيت ڏيڻ سان ڪيو ته پوليس عوام سان مودبانه تعلق ڪيئن قائم ڪري جو موٽ ۾ عوام پوليس جي عزت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي.

ڪورونا جي چوٿين لهر جو امڪان ۽ احتياط جي ضرورت

اطلاع آهن ته دنيا ۾ وري ڪورونا جي چوٿين لهر اڀرڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري دنيا جي مڙني ملڪن کي هڪ دفعو وري احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ گهرجن، پاڪستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي هندستاني قسم جي اڀرڻ ۽ ڦهلجڻ جا امڪان واضع ٿيندا پيا وڃن جنهن لاءِ ضروري آهي ته عوام ويڪسين ڪرائي ۽ ان سان گڏوگڏ احتياطي اپائن تي پڻ عمل ڪري. پاڪستان ۾ امڪاني طور تي هندستاني قسم جي ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جا اطلاع مليا آهن ۽ ان بعد اهو امڪان واضع ٿيندو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر جلد ئي اڀرڻ واري آهي، گذريل ڏينهن جا اطلاع آهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا ڪري وڌيڪ 25 شهري فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 1737 جي لڳ ڀڳ وڌيڪ مريض متاثر ٿيا آهن.

ڪورونا جي چوٿين لهر جي اڀرڻ جي خدشن ۽ امڪانن کي سامهون رکندي پاڪستاني اختيارين احتياطي اپائن ۽ ايس او پيز کي سخت ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ ڳالهه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي ته شادي هالن ۽ جمز ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال جاري رهي ته جلد ئي سخت قدم کنيا ويندا. ڪورونا جي ڇوٿين لهر جي امڪان سبب عوام سميت اسان کي به تشويش آهي، ان سلسلي ۾ اسان عوام کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري سرڪار طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، ڪوشش ڪري سرڪار پاران کوليل ويڪسين سينٽرن تي پهچي ويڪسين ڪرائي وڃي، سواءِ ضروري ڪمن جي گهرن مان نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ڪورورنا جي جهڙي نموني گذريل اڀارن کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون اهڙي ئي نموني عوام جي شعور، سجاڳي ۽ ايس او پيز تي عمل سان ڪورونا جي هن چوٿين اڀار کي به منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.