چين جي ترقيءَ جو حقيقي ماڊل

تحرير: ڊاڪٽر توصيف احمد خان

وزيراعظم عمران خان گذريل هفتي هڪ هاري ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي چين جي ترقيءَ جي ماڊل جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، هُن پنهنجي خطاب ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري چين جي هاڻوڪي تبديلي، ترقي ۽ انقلاب کي چين جي هاڻوڪي صدر چين پينگ ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو، پر اصل ۾ حقيقت ايئن نه آهي، چين ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي ان لاءِ چين جي عوام هڪ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، جن جي ڪوششن ۽ قربانين ڪري ئي چين ۾ انقلاب آيو هو، جنهن کي بعد جي چيني قيادت اڳتي وڌايو آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هندستان مان آفيم هٿ ڪري ان جي تجارت چين جي اندر ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ چيني عوام کي آفيم جو موالي بڻائي ڪروڙي پائونڊ ڪمايا، پر بعد ۾ 20- صدي چين ۾ انقلاب جي صدي ثابت ٿي.

روس ۾ جيڪو 17 آڪٽوبر 1917 تي سوويت يونين ۾ لينن جي قيادت ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو جنهن جي ڪري دنيا ۾ پهرين مزدور رياست قائم ٿي، سوويت يونين ۾ آيل دنيا جي پهرين پورهيت انقلاب جا اثر چين تي به پيا، چين ۾ 1921ع ۾ ڪجهه آزادي پسندن ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنياد وڌو جن ۾ مائوزيتنگ پڻ شامل هيو.مائوزيتنگ جو جنم 26 ڊسمبر 1893ع تي چين جي صوبي هونان جي هڪ علائقي شوشان جي هڪ هاري خاندان ۾ ٿيو، هُن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ ان بعد استاد جي تربيت حاصل ڪئي، مائوزيتنگ روزگار لاءِ چين جي گاديءَ واري هنڌ پيڪنگ آيو جنهن کي هاڻي بيجنگ چوندا آهن. مائوزيتنگ کي پيڪنگ يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ نوڪري ملي وئي، هُن کي ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، جتي هُن کاٻي ڌر جي نامياري فلسفي ڪارل مارڪس جي زندگيءَ ۽ فلسفي تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا، هو 1922ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باني ميمبر بڻجي ويو، بعد ۾ هُن 1923ع ۾ چين جي هتيان صوبي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو يونٽ قائم ڪيو. مائوزيتنگ سان سندس سياسي سفر ۾ چين جي هڪ خوشحال گهراڻي جو نوجوان چو اين لائي پڻ شامل ٿيو جيڪو تمام گهڻو تعليم يافته هيو، هُن فرانس مان تعليم حاصل ڪئي هُئي ۽ کيس فرانسيسي ۽ انگريزي زبانن تي عبور حاصل هيو، چو اين لائيءَ جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ بعد انقلابي جدوجهد ۾ تيزي اچي وئي.

چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ هڪ ٻئي سياسي جماعت ڪومنتانگ سان ملي ڪري هڪ متحده محاذ جوڙيو جيڪو ڪجهه ئي عرصي بعد ختم ٿي ويو، جنهن بعد ڪومنتانگ پارٽيءَ جي اڳواڻ شيانگ ڪائي شيڪ ڪميونسٽن خلاف ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون جنهن جي نتيجي ۾ سون جي انگ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪارڪن مارجي ويا. ڪومنتانگ جي قيادت ڪميونسٽن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ پئي گهريو جنهن جي نتيجي ۾ مائوزيتنگ جي قيادت ۾ 1927ع ۾ ڪميونسٽن لانگ مارچ شروع ڪيو. لانگ مارچ جو سفر انتهائي مشڪل ۽ خطرناڪ قسم جو هيو، سفر دوران ڪومنتانگ جا ويڙهاڪ مسلسل ڪميونسٽن تي حملا ڪندا رهيا ۽ انهن کي ماريندا رهيا، پر تنهن هوندي به ڪميونسٽن 6- هزار ميلن جو مفاصلو طئي ڪري چين جي هارين کي انقلاب جي تعليم ۽ تربيت ڏني ۽ انهن کي پنهنجي تنظيم ۾ شامل ڪيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سڀ کان وڏو نعرو هو چين ۾ جاگيرداري ختم ڪري رياست سمورين زمينن جي مالڪ ٿي وڃي، ان بعد هاري پنهنجي زمين پاڻ کيڙي ۽ سموري استحصال کان آجو ٿي وڃي.

1937ع ۾ ٻئي عظيم جنگ شروع ٿي وئي ۽ جاپان چين تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، هاڻي مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ سامهون فقط ٻه دشمن هيا، اهڙي موقعي تي مائوزيتنگ انتهائي ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پراڻي ۽ جاني دشمن ڪومنتاگ پارٽيءَ جنهن جي قيادت چيانگ ڪائي شيڪ ڪري رهيو هو سان وري متحده محاذ جوڙي ورتو. 1945ع ۾ جاپان کي شڪست نصيب ٿي ۽ انهيءَ بعد چين وري خانه جنگيءَ جي ور چڙهي ويو، ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪومنتانگ وچ ۾ خانه جنگي شروع ٿي وئي، پر آخرڪار فتح ڪميونسٽ پارٽيءَ کي نصيب ٿي. ڪميونسٽ پارٽي 1949ع ۾ چين جي گاديءَ واري هنڌ پيڪنگ تي قبضو ڪري ورتو ان بعد مائوزيتنگ جي قيادت ۾ عوامي جمهوريت چين جو قيام عمل ۾ آيو ۽ قومپرست اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ جي حڪومت رڳو هڪ ٻيٽ تائين محدود ٿي وئي جنهن کي تائيوان چيو وڃي ٿو، تائيوان ۾ اڄ به چيانگ ڪائي شيڪ جي پوئلڳن جي حڪومت آهي.

عوامي جمهوريت چين جي قيام بعد ڪميونسٽ پارٽي چين ۾ بنيادي سڌارا آندا  ڪيا، نئين ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت فوري طور تي سموري ملڪ ۾ جاگيرداري ختم ڪري سموري زمين کي رياست جي ملڪيت ۾ ورتو ۽ بعد ۾ اعلان ڪيو ته جيڪو به هاري زمين اپائي ٿو اهو ان جو مالڪ ئي تصور ڪيو ويندو، اهڙي نموني سمورين صنعتن کي قومي مليڪت ۾ ورتو ويو، حڪومت هر ماڻهوءَ کي گهر، تعليم، صحت ۽ روزگار ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ڇڏي اهڙي نموني چين جي نئين سر تعمير جو عمل شروع ٿيو ،سوويت يونين چين کي نئين صنعتي ۽ زرعي ڍانچي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

1958ع ۾ چين ۽ سوويت يونين ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. چين جا 1970 تائين پاڪستان، هندستان ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن سان تعلقات هيا، جڏهن ته گڏيل قومن ۾ تائيوان چين جي نمائندگي ڪندو هو. 1958ع ۾ چين ۽ سوويت يونين وچ ۾ اختلاف وڌي ويا ۽ بين الااقومي سطح تي چين ۽ روس الڳ الڳ بلاڪن ۾ ورهائجي ويا، جڏهن ته 1960ع ۾ چين ۽ هندستان وچ ۾ تبت جي مسئلي تي هڪ مختصر جنگ ٿي، انهيءَ لڙائيءَ ۾ چين کي فتح حاصل ٿي پر چين جي قيادت آمريڪا جي حڪمت عملي ۽ ارادن کي محسوس ڪندي هندستان سان ٺاهه ڪري ورتو، تبت جي علائقي مان پنهنجيون فوجون واپس گهرائي ورتيون ۽ هندستان جو لٽيل جنگي سامان هندستان کي واپس ڪري ڇڏيو پر هما چل پرديش تي پنهنجو قبضو برقرار رکيو.

چين جي اهڙي پاليسيءَ ڪري آمريڪا پنهنجي اهڙي حڪمت عمليءَ ۾ ناڪام ٿيو جنهن تحت آمريڪا چين کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان ويڙهائي ان جي ترقيءَ جي عمل کي روڪي ڇڏيو ۽ اقتصادي بحران جي ور چاڙهي ڇڏيو، چين اهڙي پاليسي هانگ ڪانگ ۽ تائيوان لاءِ پڻ اختيار ڪئي. چين جي وزيراعظم چو اين لائي يوگوسلاويه جي صدر مارشل ٽيٽو، هندستان جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو ۽ مصر جي صدر جمال ناصر سان گڏجي افرو ايشيائي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ غيرجانبدار ملڪن جو هڪ بلاڪ قائم ڪيو.

چين ۾ مائوزيتنگ جي زرعي پاليسيءَ ڪري هارين ۾ اعتماد پيدا ٿيو ۽ حڪومت انهن کي بجلي، ٻج ۽ ڪيڙي مار دائون مفت ۾ فراهم ڪيون. چين جي يونيورسٽين ۾ زرعي پيداوار تي تحقيق شروع ٿي جنهن جي نتيجي ۾ چين ۾ في ايڪڙ پيداوار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. ان بعد چين جي آبادي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي. مائوزيتنگ بعد ۾ چين ۾ ڊين زيائو پينگ هڪ فولادي اڳواڻ ٿي سامهون اڀريو، ڊينگ زيائو پنگ چين جو واحد اڳواڻ آهي جيڪو ڪيترائي دفعا ناڪام ٿيو ۽ وري اڀري ڪامياب ٿيو، ان کي جديد چين جو معمار پڻ چيو ويندو آهي، ڊين زيائو پنگ جي دور ۾ ئي چين ۾ سوشلسٽ معيشت جي متوازن فري مارڪيٽ اڪانومي وجود ۾ آئي، ان بعد سموري دنيا جي سيڙپڪارن چين ۾ پنهنجو پئسو سيڙايو جنهن ڪري چين ۾ پيداواري عمل انتهائي تيز ٿي ويو. موجوده چين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ انتهائي ترقي ٿي آهي، ايتري قدر جو چين يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن تي پڻ قبضو ڪري ورتو آهي

چين ۾ هن وقت به هڪ پارٽي يعني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آمريت آهي. 90 جي ڏهاڪي ۾ برطانيه جي قبضي ختم ٿيڻ بعد هانگ ڪانگ پڻ چين جو حصو ٿي ويو آهي، چين هڪ ملڪ ٻه نظام تحت هانگ ڪانگ جي اصل سياسي حيثيت ۽ حڪومت کي قائم رکيو آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ چين، هانگ ڪانگ ۾ جمهوري عمل کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي پر هانگ ڪانگ جو نئون نسل ڪنهن به طور تي پنهنجيون سياسي آزاديون قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. چين جي ميڊيا رياستي ڪنٽرول ۾ آهي شايد اها ڳالهه عمران خان لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي، بهرحال چين جي ترقيءَ جي ماڊل کي مڪمل طور تي سمجهڻ کان سواءِ ان تي عمل ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.