حڪومت کي ماڻھن اندر تحفظ جو احساس اڀارڻ گهرجي

تحرير: عرفانه ملاح

جن ماڻھن جو ٻاھرين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو ھوندو انھن ھڪ ڳالھه ضرور نوٽ ڪئي ھوندي ته اڪثر ڪري ماڻھن جي چھرن تي ھڪ سڪون محسوس ٿيندو آھي. جيڪڏهن ڪنھن بس اسٽاپ يا ٽرين اسٽيشن تي ڪير ڊوڙي ڊوڙي ٽرين ۾ سوار به ٿي رھيو ھوندو ته ھن جي چھري تي سختي ۽ بيزاري نظر نه ايندي. جيڪڏهن توھان پنھنجي شھرن، ۾ ڏسندا ته بس اسٽاپ، ٽرين ، دڪان ، روڊ تي ڊرائيو ڪندي ، بس جي سيٽ شيئر ڪندي تقريبن ھر ماڻھو جي منھن تي بيزاري، ڪوفت، غصو، چڙ، بي سڪوني نظر پئي ايندي آھي. عام مزدور کان وٺي آفيسر طبقي جي ماڻھن جو اھو عام رويو آھي. سماج ۾ گھٽ ماڻھو آھن جيڪي توھان کي مطمئن ، پر سڪون لڳندا ھجن ، يا واقعي اھي پر سڪون ھجن ، هر  ماڻھن جي گھڻائي ،  ڪثر ڪري ڪوفت جو شڪار لڳندي آھي. ڪنھن به شعبي ۾ سروي ڪيو  ته اتي ڪم ڪندڙ پنھنجي  شعبي ۾ ڪيترو مطمئن آھي ته ان ڏس ۾  اڪثر ڪري جيڪي تحقيقي مقالا اچن ٿا انھن جي انگن اکرن مطابق سٺ سيڪڙو ماڻھو دل سان پنھنجي ڊيوٽي نه ٿا ڪن ۽ ھنن کي لڳي ٿو کين ان ڪم جي بجائي  ڪجھه ٻيو ڪرڻ گھرجي. ماڻھن سان درپيش ان ماجرا جا سبب ڪيترائي آھن ، پر ھڪ ملڪ ۾ گھڻائي اھڙن جي ھجي جيڪي پنھنجي موجوده صورتحال کان سخت بيزار ھجن يا کين ان ۾ ڪنھن به قسم جو سڪون، آٿت نه ملندي ھجي ته ان جو مطلب اھو نڪري سگھي ٿو ته ان جا سبب انفرادي نه پر اجتماعي ٿي سگھن ٿا. جنھن جو سنئون سڌو تعلق سماجي ۽ رياستي اڻت ۾ پنھان آھي ان ڪري اجتماعي بيزاري ، بي سڪوني ، غير اطميناني واري ڪيفيت جا سبب به انفرادي نه پر اجتماعي آھن.  لڳندو ائين ته اھا بيزاري ڄڻ ته اسانجو قومي ڪيفيت ٿي وئي آھي. نه رڳو بيزاري پر عدم اعتماد، ۽ عدم تحفظ جو احساس به ھڪ قومي جز ٿي چڪو آھي. ھر قوم جا مجموعي طور ڪجهھ جز ھوندا آھن جن کي نيشنل ڪريڪٽر چئبو آھي مثلن ڪي قومون سست، ڪي وري سخت مزاج يا محنت پسند طور مشھور ھونديون آھن.

ڪي قومون حاڪميت جي احساس ھيٺ مغرور ته ڪي وري مھمان نواز طور شناخت رکنديون آھن . ان قسم جو قومي مزاج ڪنھن سائنسي بنياد تي نه جڙندو آھي پر  عام طور تي ساڻن  لھه  وچڙ ۾ ايندڙ  ٻيون قومون جوڙينديون آھن. ضروري نه آھي تي انھي راءِ ۾ صداقت به ھجي پر عام ماڻھن جي عمومي خيال تي ٻڌل ھوندي آھي جيڪا گھڻي قدر ھنن جي ذاتي تجربن جي آڌار تي جڙيل ھوندي آھي. هر قوم جا جڏھن ذاتي تجربا سالن تائين  ساڳيا رھن ته پوءِ  عام راءِ جڙي  هوندي آھي. ان قسم جي راءِ سڀني قومن لاءِ  موجود آھي ، جيئن سنڌين لاءِ  مشھور آھي ته ھو مھمان نواز آھن ، پنجابي کي پورهيت،  پٺاڻ سخت جان پورھيو ڪندڙ  ۽ جنگجو آھن ، بلوچ ويڙھاڪ آھن. ھي عام جنرل تصور آھي ان ڪري  ضروري نه آھي ته  سڀ سنڌي مھمان نواز ھجن، ڪيترائي اھڙا به ھوندا آھن،  جن وٽ جيڪڏهن مھمان ايندو آھي ٻين جي گھرن ۾ گھمائي ويلو ٽاريندا آھن. پر سنڌين جي اڪثريت مھمان نواز آھي تنھن ڪري مجموعي طور ان راءِ کي رد نه ٿو ڪري سگھجي. ان قسم جا رويا قومن جي قومي اخلاقيات جوڙيندا آھن ،ان مان انفرادي اخلاقيات به جڙندي آھي . جديد رياستي ڍانچي ۾ قومن توڙي فرد  کي ايتري آزادي نه جو پنھنجي  روايتي نظام مطابق پنھنجا اخلاقي رويا پاڻمرادي جوڙي يا محفوظ ڪري سگھن. جديد قومي رياست اندر ، فرد جي پوري زندگيءَ ، ڄمڻ کان مرڻ تائين ايتري ته ضابطي ھيٺ آھي جو عام رواجي شھري چاھي ته ان کي ٽوڙي نه ٿو سگھي . ڄم جي ادراڪ کان پڙھڻ ، اسڪول، ڪاليج ، نوڪري ، ڪاروبار ، شادي ، ٻار ، ڄمڻ مرڻ ھر عمل ، ھر فعل رياستي قانون، پاليسين ، علمن ، سوچ ، بياني مطابق ھلي ٿو . ڀلي ڪير رياست نه به مڃيندو ھجي پر جيڪڏهن کيس سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپورٽ نه ھوندو ته ڪجهھ به ڪري نه سگھندؤ ،تنھن ڪري مڃي نه مڃي پر فرد کي آزاد جيئڻ جي ڪابه راھ نه آھي . جديد رياستي ڍانچي ۾ فرد جي ذاتي چونڊ وارو عمل اوائلي غلامي جي دور کان به بدتر آھي ، جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ غلام ھڪ ٻئي کان ايترو ته مختلف ھيا جيترو ھنن جا مالڪ ھوندا ھيا. سندن غلامي ظاھر ظھور ھوندي ھئي ، ھنن وٽ آزادي جو تصور ھو .

جڏھن جديد رياستن ۾ غلام کي غلامي سان گڏ  اھو وھم پڻ آھي ته ھو آزاد آھي ۽ھن وٽ انساني آزادي  جو تصور به ان رياستي ڍانچي اندر آزادي واري تصور سان ڳنڍيل ھوندو آھي. جديد رياست جو شھري ، ان رياست جو آزاد شھري نه آھي پر ان رياست  جو قيدي آھي ، جنھن جي ھر قسم جي ترقي ، مادي ،ذھني ،روحاني ۽ اخلاقي ، ان رياست جي ڍانچي مطابق جوڙي وڃي ٿي.ان مان ڪجهھ فرد شخصي طور تي ضرور ان کان ٻاھر نڪري ڏسي سگھڻ جي سگھه رکن ٿا ۽ رياستي ڍانچي ۾ ڏنل آزادين جي محدود تصور لاءِ  تنقيدي شعور رکن ٿا پر عوام جي اڪثريت، رياستي جبر جو شڪار رھندي، ان کي ئي پنھنجو محافظ سمجھي ٿي . رياستي جبر ھڪ محدود دائري ۾ استعمال ٿئي ٿو، جتي رياست جو استحصال نظر اچي ٿو ۽ اھو استحصال وري به رياستي ڍانچي ۾ رھندي ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو .مثلن پاڪستان جي آئين ۾ صوبائي خودمختياري ، وسيلن جي ورھاست جي ڳالهه آھي ته اھا به ان ڍانچي ۾ نظر اچي ٿي، هر جيڪڏھن ان ڍانچي کان ٻاھر نڪري ڏسجي ته ڇا اھو سوال نه ٿو پيدا ٿئي ته ان کان ھٽي ڪري رياست کي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار ڪيترو جائز آھي ، ڪھڙا ٽيڪس جائز ته ڪھڙا ناجائز آھن . اھو رياستي جبر نه ته ھڪ غريب پنھنجي  پورھئي مان ڪمايل چند رپين مان اگر دٻي واري کير جو ھڪ دٻو به خريد ڪري ٿو ته کيس ان تي رياست کي سيل ٽيڪس ڏيڻي ٿي پوي . اگر ٻه ٽي ھزار خرچ ڪري ھڪ وڳو وٺي ٿو ته ان تي ٽيڪس ڏيڻي ٿي پوي.

رياست ھن جي رت ۽ پگھر جي پورھئي مان پيسا چوري ڪري ٿي .پر رياست تي چوري جو ڪو ڪيس داخل ڪري نه ٿو سگھجي. رياست ھڪ طبقي کي جيڪي روزانه ارب ڪمائي ٿو ان کي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏئي ٿي ، جيڪي ھزارين ايڪڙ اناج  پوکين ٿا انھن کي ٽيڪس ڇوٽ آھي ، پر سڌيون ٽيڪسن لڳائي ھڪ غريب جا پيسا چورائي امير طبقي کي سبسڊي طور ڏئي پئي . ان رياستي جبر خلاف ڪابه بغاوت نه ٿي ٿئي. ان رياست جو جز يا ڳر ڇا بيھندو ؟ رياست جي جبر جو ٻيو مثال ماڻھن جي بيدخلي آھي ، رياست فيصلو ڪيو تي گجر نالي جي آس پاس جون آباديون غير قانوني آھن ، ڪيترن ھزارين گھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي بي دخل ڪري ڇڏيون ، عدالت ۾ ويٺل ھڪ رياستي عملدار طئي ٿو ڪري ته آھي ماڻھون بي گھر ڪيا وڃن ، ھڪدم رياست ان فيصلي جي تحفظ ۾ گھر ڪيرائڻ شروع ڪيا ، جڏھن ته ھزارين ماڻھون احتجاج ڪندا رھيا پر ان رياستي جبر جي ٽيڪ تي جڙيل عدالتي قانون ھنن جي ھڪ نه ٻڌي ۽ کين بي دخل ٿيڻو پيو . ھڪ دفعو وري رياستي ، طبقاتي خبر جو مثال سامھون آيو . جڏھن ساڳيون ئي عدالتون،  بني گالا جي جي ٽي سئو ايڪڙ زمين،  بحريا ٽائون جي سورنھن ھزار ايڪڙ ، ملتان ۾ ٺھندڙ انبن جي باغن تي ھزارين ايڪڙن تي ٺھندڙ ڊي ايڇ اي کي عدالتي تحفظ ڏئي چڪيون آھن ،پر غريبن جي ڪچي آبادي ، سندن جھوپڙين ، ريڙھن کي مسمار ڪرڻ جھڙن آمراڻن حڪمن کي  رياستي قانون جي عملداري جھڙو نالو ڏئي ، غريب کي اھو باور ڪرايو پيو وڃي ته رياست جو وجود ئي انصاف تي بيٺل  آھي جئين ھو ان جبر خلاف آواز بلند ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگھن.

رياستي ڍانچي جي جوڙجڪ ئي اھڙي آھي جنھن ۾ طاقتور طبقي جو تحفظ، غريب ۽ وچولي طبقي جو استحصال ٿئي ٿو، جيڪو گھڻائي ۾ اھي ،جيڪوان رياستي جبر خلاف مزاحمت جي سگھه به رکي ٿو بشرطيڪ کيس ان ڳالهه جو ادراڪ ٿئي ته ڪئين رياستي نظام ھڪ مخصوص طبقي ، اداري جو آله ڪار ٿي  سندن  بنيادي انساني حق کسي ، سندن معاشي قتل عام  ڪري رھيو آھي. رياست صرف معاشي قتل نه پئي ڪري پر رياست حقيقي قتل ڪرڻ ۾ ملوث رھي ٿي . اھا کڻي ڪھڙي به رياست ھجي ، سريلنڪا ۾ تامل ناڊو خلاف ڪارروائي ۾ رياست پرامن تاملن جو قتل عام ڪيو ،ساڳي طرح نيپال ۾ ڪميونسٽ تحريڪ دوران ھزارين پورھيتن کي ماريو ويو ، ڀارت ۾ ڪشمير ۾ ھزارين نوجوانن کي رياستي ادارن پاران ماريو ويو ته پنھنجي  ملڪ اندر بلوچ تحريڪ ۽ فاٽا آپريشن دوران چند شرپسندن جي آڙ ۾ ڪيترن ئي پرامن شھرين جو قتل عام ٿيو . پر شھري خاموش رھيا ڇاڪاڻ ته جديد رياست کي اھو اختيار آھي ته اھا مڪمل سلامتي ( impunity ) سان شھرين کي کڻي گم ڪري ، بنا ڏوھ جي قيد ڪري ، بنا ڏوھ جي انھن کي قومي سلامتي جي نالي ۾ قتل ڪري. فرق صرف ايترو آھي ته جڏھن ڪو فرد قتل ڪري ٿو رياست حرڪت ۾ اچي ان فرد کي خلاف ڪارروائي ڪري ٿي پر ان سان گڏ معاشرو به ان خلاف ھڪ ناپسنديدگي وارو رويو رکي ٿو پر جڏھن رياست قتل ڪري ٿي ته سندس شھري ان خلاف ڪنھن قسم جي ناپسنديدگي ،نفرت جو عنصر نه ٿا رکن ، بلڪ اڪٽر اھو جواز ڏنو وڃي ٿو ته يقينن اھڙي سخت عمل جي پويان جائز سبب ھوندا. جيڪڏھن رياست اڌ رات جو ڪنھن جي گھر ۾ گھڙي ڪنھن کي گم ڪري ٿي تڏھن به اھو جواز ڳوليو وڃي ٿو ته ان جي پويان ڪھڙو سبب ٿي سگھي ٿو. جڏھن ته رياست کان اھو نه ٿو پڇيو وڃي ته جنھن سماجي معاھدي تحت ھي  شھري ھن رياست جو حصو آھن ان مطابق اھڙي عمل جو جواز پيش ڪيو وڃي.

رياست شھرين جي زندگيءَ جي مالڪ نه پر محافظ آھي. جڏھن محافظ ،پاڻ مرادو مالڪ ٿي شھرين کي يرغمال بڻائي  ۽ انھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ته رياست پاڻ ڌاڙيل ٿيو وڃي. جيڪا رياست پنھنجا فرض وساري، شھرين جي معاشي ، جسماني ، قومي ، استحصال ڪري ٿي ته اھا پنھنجي  ھجڻ جو  اخلاقي جواز يا ڪارڻ وڃائي ٿي ويھي . پر رياستون مجموعي طور ان ڪشمڪش ۾ رھن ٿيون ، جن رياستن آندر سياسي ، سماجي ادارا مظبوط آھن ، ۽ انھن م تعليم جي شرح به بھتر آھي اتي شھري حقن جي تحفظ، ترقي ، معاشي برابري  ڏانھن رياست کي مجبوري ڌيان ڏيڻو ٿو پوي . پر جن رياستن ۾ سياسي ادارا ڪمزور ، سماجي ڌانچو تنزلي جو شڪار آھي ، غربت گھڻي ۽ تعليم جي ڪمي آھي انھن رياستن آندر شھرين جي حالت غلامن کان به بدتر آھي. جيئن ته مون پھرين بيان ڪيو ته ، جديد رياستي ڍانچي جي جوڙجڪ غلامي واري دور کان به بدتر رھي ٿي .برما ، ۽ آفريڪا جون ڪيتريون ئي رياستون ان جو مثال آھن . انھن جنھن ۾ رياست کي شھري جي زندگي تي مڪمل اختيار ڏنو ويو آھي، ۽ رياستي ،حڪومتي ادارن جو پاڻ ۾ اھڙو ڳٺ جوڙ جڙي چڪو آھي جنھن ۾ ھڪ مخصوص طبقو رياست جو ڳيجھو ٿي پوري معاشري کي انتشار ، بدامني ، غربت ،بک ، جھالت جھڙين بيمارين جي ور چاڙھي ٿو ڇڏي. ٿورو غور ڪيو ته اسان ڪٿي بيٺا آھيون ، ڪھڙي معاشرتي بيماري نه آھي جيڪا ھن رياست ۾ موجود نه آھي.

بک ،بدامني ، جھالت ،انتشار کي منھن ڏيڻ لاءِ  بجاءِ جو ڪا انصاف پسند پاليسي جوڙي ان جي خاتمي لاءِ  اپاءَ ورتا وڃن ، پاڪستان ۾ شروع کان ئي انھن بيمارين کي لاعلاج ڊڪليئر ڪري انھن جي خاتمي لاءِ  دوا دارون بجاءِ ، دم دورد تي زور ڏنو ويو . ڇاڪاڻ ته ھن رياست تي قابض طبقي جي مفاد ۾ نه ،انصاف ڀريو معاشرو ۽ رياستي نظام ھو تنھن ڪري ، ان انتشار ، جبر ۽ طاقت جو سھارو ورتو ويو .رياستي جبر کي مذھب ۽ عقيدن جو تڙڪو لڳائي ، عام عوام لاءِ  قابل قبول ٺاھيو ويو. جئين ڪو ٻار پيدا ٿيڻ سان پنھنجي  پاڻ سان گڏ مستقبل جو جينياتي جوڙجڪ کڻي پيدا ٿيندو آھي تيئن ئي ھن ملڪ جي جينياتي جوڙجڪ عدم تحفظ جي احساس تي بيٺل آھي ، ڄمڻ کان پھرين ئي دشمن پيدا ڪيو ويو . پوءِ   ان خيالي دشمن کي ديومالائي طور ايترو وڌايو ويو جو ماڻھو کي اھو احساس ڏياريو ويو ته ھڪ راڪاس ھنن مٿان ڪنھن به وقت حملو ڪري سگھي ٿو ، ان کان تحفظ جو واحد ذريعو آھي ته پنھنجي  گھرن ۾ قيد ٿي چاٻيون چوڪيدارن جي حوالي ڪيون. خوف ، تشدد ، دشمنن جو خطرو، ھن ملڪ جو ڳر آھي. ھر ماڻھو کي ڄمڻ سان دشمن ٽيڪس يعني خيالي دشمن ۽ ان کان تحفظ جي ٽيڪس ، ان کان تحفظ جي آڙ ۾ پنھنجي  چوڪيدارن جي غلامي ورثي ۾ ملي ٿي . هوءَ وري رياستي ۽ حڪومتي ادارن پاران مستقل مزاجي سان مذھبي جي استعمال سان ھڪ اھڙو معاشرو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن ۾ انھن جي طاقت ۽ طاقت جي استعمال سان گڏ رياست جي قبضي کي تحفظ ملي سگھي ۽ عام ماڻهن کي ديني معاملن ۾ الجھائي ھڪ ٻئي خلاف بيھاريو وڃي. شيعا سني ، فسادن کانپوءِ  ٻين مذهبي فرقن ۾ جھيڙو شروع ڪيو ويو آھي. اسلامي تعليمات ، مسلمان معاشرو ، مذھبي روايتون، اسلامي قدر ، ديني پابنديون ،جھڙا بحث  گذريل ستر سالن کان قومي بيانيي جو حصو رھيو آھن. بلوچ تحريڪ ھجي يا جمھوريت جي بحالي جي جدوجھد ، ھر بحث ۾ مذھب ۽ ان جو سياسي استعمال  ضرور ڪيو ويو. معاشرتي قدر جيڪي ھن صحت مند معاشري جو اھڃاڻ ھوندا آھن ، اھڙي بحث دوران جڙڻ ناممڪن آھن . مذھبي اخلافيات ، معاشرتي نظام پاڪستان جھڙي ڪثير قومي ، گھڻن فرقن واري ملڪ لاءِ  ممڪن نه آھي. جتي شيعو سني لاءِ  ڪافر ھجي ، ۽ ديوبندي بريلوي لاءِ  ڪافر جي فتويٰ  ڏئي ٿو جنهن جو ڪو به انساني حق نه آھي ته پوءِ  ان جو قتل ، ان جو استحصال ، ان تي جبر جائز آھي . ان قسم جي جبر ، استحصال خلاف اھڙي معاشري ۾ ڪابه اخلاقي ڌڪار نه ھوندي. اھو ئي سبب ھو جو ھزارين معصوم انسان کي بمن جو کاڄ ڪندڙ دھشتگردن لاءِ  ماڻھن وٽ ڌڪار نه آھي.

آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن جي قاتل کي رياستي شھري ڪري رکيو ويو ۽ ان خلاف نفرت جو عنصر غالب آھي ، ڇاڪاڻ ته رياستي  سطح تي صرف مذھبي قدرن جي بنياد تي اخلاقيات کي هٿي ڏني وئي، اھا اخلاقيات فرقن ، روايتن ، ريتن ۽ رسمن ۾ ورھائجي وئي. تنھن ڪري ئي قاتل لاءِ  نفرت ، زاني لاءِ  ڌڪار يا چور ڏانھن ناپسنديدگي وارا آفاقي اخلاقي قدر ھن خطي ۾ بنھ ننڍڙن ننڍڙن گروھن ۾ ورهائجي ويا. ملڪ جو وزيراعظم عورتن جي زنا تي عورتن جي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. ديني عالمن کي سياسي طاقت لاءِ  استعمال ڪرڻ لاءِ  دين جي ٺيڪيداري ڏني وئي جنھن  ڪري ھو معاشرتي سطح تي اثرانداز  ٿيندي ، پنھنجي  محدود سوچ مطابق دين جي تشريح ڪندي عورتن ، ٻارن ۽ اقليتن خلاف باھ ٻاري ڏني. اڄ عورتن خلاف زنا جا واقعا ، ٻارن سان مدرسن ۾ جنسي زيادتين جا واقعا ، اسڪولن ، يونيورسٽن ، گھرن ، گھٽين ، بازارن ، ھاءِ ويز ۽ ھوٽلن ۾ به جنسي زيادتي جي واقعن ۾ بي انتھا اضافو ٿيو آھي.

ماڻھن جي سر تي جنسي بُک سوار ٿي وئي آھي ، ھر ماڻھو ٻئي جي چوڪيداري ۽ اخلاقي پوليسنگ ۾ لڳي ويو آھي ، عورتون ، ٻار ، اقليتون سڀ کان وڌيڪ عدم تحفظ جو شڪار آھن. ماڻھن ۾ ھر وقت ھڪ خوف آھي، اڻڏٺي دشمن ، عدم تحفظ جو احساس آھي، پر ان سڀ جي باوجود ماڻھن ۾ غصو آھي ، چڙ آھي ، ھڪ احساس آھي ته جيڪو ڪجهھ ھن رياست کين ڏنو آھي ھو ان کان بھتر جا حقدار آھن. ماڻھن ۾ ھڪ خاص قسم جي نفرت پيدا ٿي وئي آھي، اھا ناانصافي جي خلاف نفرت آھي ، ھنن وٽ اھو احساس آھي ته ھو ھڪ ڊگهي انصافي جو شڪار آھن. ناانصافي جو احساس ھڪ غصو ، چڙچڙاھٽ ، آس پاس ٿيندڙ لقائن ۾ سبب چونڊي ٿو ، اھا چڙ ، غصو ٿائينڪو ٿيڻ لاءِ  ماڻھون غير فطري جواز ڳولين ٿا. ھو پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ لا بنا ڪنھن اخلاقي پڇتاءَ جي  جنسي تسڪين لاءِ  ٻار ، عورت ، ڇوڪرو جانور ڪنھن به نه ٿا ڇڏين. جيتوڻيڪ اھڙراواقعا تاريخ جي ھر دور ۾ ٿيندا رھيا آھن ، پر ھن جديد دور ۾ ھڪ رياست اندر ايتري گھڻي تعداد ان قسم جا واقعا ،انفرادي عمل نه ٿا تي سگھن . ان جون پاڙون رياستي ڍانچي ، فعلن ، عملن ، پاليسين ۾ کتل آھن. ھن قسم جي مجموعي روين جي ھڪ خاص سوچ تحت  آبياري ڪئي وئي آھي. رياستي پاليسين جي نتيجي ۾ گڏيل  معاشرتي اخلاقي قدرن  جي بجاءِ مذھبي ، گروھي ، فرقيواريت وارن روين کي ھٿي ڏني وئي ، ماڻھن جو معاشي استحصال ڪيو ويو ، ماڻھن اندر عدم تحفظ جو احساس اڀاريو ويو ، رياست ۾ عوامي ڀلائي بجاءِ ، رياستي دفاعي  مفاد کي آڏو ڪيو ويو.

جيڪا رياست پنھنجو تحفظ ئي نه ڪري سگھندي ته عوامي ڀلائي ۽ بھبود تي ڪھڙو ڌيان ڏيندي.  عوامي اڀار کي به سختي سان ڪچلي، سياسي قوتن کي ڪمزور ڪري پنھنجو ڀيچي ڪيو ويو. نتيجو سڀني جي آڏو آھي ، عثمان مرزا ھجي يا مولوي احسان  ھجي سڀ بنا ڪنھن پڇتاءَ جي قومي پاليسي مطابق پنھنجي  حصي جو ڪم ڪري رھيا آھن .سماج ۾ ڪنھن به قسم جا قومي قدر اڀارڻ نه ڏنا ويا نتيجي ۾ ھر فرد پنھنجي  اندر سڄي سماجي ناانصافي ، استحصال، سان گڏ وري مخصوص مذھبي سوچ به کڻي ھلي پيو. منجھيل ۽ ٽوڙيل،موڙيل مذھبي قدرن جي ڪري پاڻ کي ھر قسم جي سزا جزا کان آجو ۽ پڇتاءَ کان واري سمجھي ٿو ، ۽ سماجي ناانصافي، ناجائزي جي احساس سان گڏ وري پنھنجي  ڪمزور ھجڻ جو ادراڪ به رکي ٿو جنھن ڪري ھو ھر قسم جي غيراخلاقي ڪم ، روين ۽ جنسي طاقت جي اظھار ذريعي ڄڻ سماج کان بدلو وٺڻ سان گڏ پنھنجي  ھجڻ جي احساس به ڏياري ٿو. جيڪو ماڻھن جي اندر ۾ غصو ۽ لاچاري آھي، ان کي تعميري دڳ نه مليو ته اھا تخريبي رستو اختيار ڪندي ، ان جا نمونا سڀني آڏو آھن. ھي انفرادي عمل نه آھن ، زينب جي ريپ يا موٽروي ريپ ، يا مدرسن اندر معصوم ٻارن سان ڏاڍايون يا  ، ڪرپشن ، چور بازاري ، شھرين جو رياستي ادارن کي ڦرڻ لٽڻ انھن ۾ ڪرپشن ڪرڻ ، ھڪ پاليسي جو نتيجو آھن . رياست کي سوچڻو پوندو ته ، جيڪڏھن ھو غلام قوم پيدا ڪندا ته انھن جي اخلاقيات به اوھڙي ئي ھوندي. کڻي ڪيترا به قانون پاس ڪن ،يا مذمتون ڪيون وڃن ، ھنن جي پاڻ کي درست ڪري ان غصي ۽ لاچاري کي سمجھڻو پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.