ڊگهڙي ۾ سرن جي بٺي تي ڇپ ڪرڻ سبب ٻارڙو دٻجي فوت

ڊگهڙي(ت ر)ڊگهڙي لڳ ميرواھ گورچاڻي روڊ ديهھ165 ۾ قائم صديق رحماني جي سرن جي بٺي تي اوچتو مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 9ورهين جو ٻار آصف علي ولد مرحوم محمد عيسي خاصخيلي دٻجي فوت ٿي ويو  فوتي ٻارڙي کي سندس وارث تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن سند س موت جي تصديق ڪئي، معصوم فوتي ٻار جي چاچي نبي بخش خاصخيلي ڊگهڙي ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون صديق رحماني جي سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندو آهيان اڄ منهنجو ڀائٽو آصف ولد محمد عيسي خاصخيلي منهنجي لاء ڳوٺان ٻنپهرن جي ماني کڻي مونکي ڏيڻ لاء بٺي تي پهتو هو جتي هن مٿان اوچتو مٽي جي ڇپ ڪري پئي ۽ هو مٽي هيٺان دٻجي ويو اسان کيس مٽي هيٺان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال ڊگهڙي طرف روانا ٿياسين پر معصوم ٻار رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچڻ بعد ڊاڪٽرن سندس چڪاس ڪرڻ بعد سندس موت جي تصديق ڪئي جنهن بعد اسان فوتي ٻار جو مڙھ ڳوٺ فاضل خاصخيلي کڻائي وياسين فوتي ٻار جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،وارثن وڌيڪ ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.