دادو ۾8 ڪلاس جي شاگردياڻي جو آپگهات

دادو (ڊ ر) دادو ۾ مبينا پيءُ جي دڙڪن سبب 8 ڪلاس جي شاگردياڻي گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي:- دادو شهر جي جڳت آباد محلا ۾ 8 ڪلاس جي شاگردياڻي فرها ڌي طارق ساند گهر اندر ڇت واري  پکي ۾ ڦاهو وجهي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، نينگري جو لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگري جي والد طارق ساند جو چوڻ آهي ته فرها گرمي ۾ گهر ٻاهر راند پئي ڪري جنهن تان کين دڙڪا ڏنا هئا نينگري جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث گهر کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.