راڻيپور ۾حادثي جو زخمي فوت

راڻي پور(رپورٽ عامر مهيسر) پنج ڏينھن اڳ حادثي جو زخمي درازا واسي زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي  ويو، خبر موجب پنج ڏينهن پھريان راڻيپور قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل درازا شريف واسي پورهيت علي بخش جوڻيجو گمس اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.جنھن بعد  سندس جو مڙھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.جيڪي مڙھ کڻائي گهر پھتا. جتي مڙھ پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.جڏھن تہ فوتي جي جنازي نماز ۽ آخري رسم آبائي ڳوٺ ۾ ئي ادا ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.