کپرو-عمرڪوٽ روڊ نه ٺهيو، حيدرآباد ۾ ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) روڊ ايڪشن ڪميٽي، سجاڳ نوجوان اتحاد، ميگهواڙ يوٿ فورم ۽ اڇڙو ٿر يوٿ فورم پاران کپرو کان عمر ڪوٽ تائين روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف ڪالهه  اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ذوالفقار مري، ايز هنڱورو، يوٿ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگرو، سنيل ڪمار، وڪيل خان محمد راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته کپرو کان عمر ڪوٽ تائين 80 ڪلو ميٽر روڊ بلڪل زبون حال اختيار ڪري ويو آهي روڊن جي زبون حالي جي ڪري روز حادثا معمول بڻيل آهن، هن روڊ سان لاڳاپيل عوام وڏين تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهيلڻ بند ٿي ويو آهي. سوين ماڻهو بس سروس کان محروم ٿي ويا آهن. جڏهن ته استاد ۽ شاگرد اسڪول وقت تي نه ٿا پهچي سگهن. روڊ هنڌان هنڌان ٽٽڻ ڪري ٽيڪسي ڪارن، رڪشائن ۽ ٽريڪٽرن جي مالڪن کي وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو ٿو پوي. هنن چيو ته کپري کان عمرڪوٽ تائين ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهيون پر ٻنهي ضلعن جي چونڊيل نمائندن اڃا تائين احتجاجن جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. هنن کپري ۽ عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندن کي چٽاءٌ ڏيندي چيو ته سندن احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته اسان ٻئي مرحلي ۾ کپري کان عمرڪوٽ تائين ۽ ان سان گڏ حيدرآباد ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري اوهان جا علامتي جنازا ڪڍيا ويندا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.