سنڌ ۾ گورنر راڄ جي جزوي حمايت ڪريون ٿا: حليم عادل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته مريم صفدر ۽ بلاول زرداري ڪشمير ۾ سياسي قدرن  کي پائمال ري رهيا آهن، مريم صفدر کي شايد اهو وسري ويو آهي ته ان جو والد، چاچو ۽ سئوٽ کي عوام رد ڪري چڪي آهي. سنڌ حڪومت جو جهاز ۽ هيليڪاپٽر استعمال ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سينيٽر سيف الله ابڙو سان گڏ اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته سنڌ ڪرپشن جو ڳڙهه، امتحانن ۾ بوٽي مافيا جي راڄ ۽ گندگي جي ڍيرن جي علامت بڻجي چڪي آهي، هن چيو ته هاڻي مون کي اهو ڊپ آهي ته بلاول ڪشمير کي لاڙڪاڻو بڻائڻ جو نه چئي ڇڏي ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي جون حالتون بيان ڪرڻ جوڳيون ناهن. لاڙڪاڻي ۾ ڪتي جي چڪ واري ويڪسين پڻ موجود ناهي، عوام ڪڏهن به بلاول ۽ مريم صفدر جهڙن بدعنوان عنصرن کي معاف نه ڪندو.جن ماڻهن جو ڊان ليڪس ۽ ميمو گيٽس ۾ ڪردار رهيو پاڪستاني عوام انهن کي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو سمجهي ٿو هڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جو پاڻي اها مافيا چوري ڪندي آهي، گهوٽڪي فيڊر جا واهه ڀريل هوندا آهن پر ان سان لاڳاپيل زمينون بنجر آهن. اسان اهو ٻڌائي رهيا آهيون ته سنڌ جي پڇڙي تائين پاڻي نٿو وڃي. ارسا جي ٽيمن هڪ غيرجانبدار ڪميشن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ارسا ۽ پنجاب ٽيمون موڪليون پر سنڌ پنهنجا انجنيئر نه ڏنا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم گورنر راڄ جو مطالبو ڪري رهي آهي اسان ان مطالبي جي جزوي حمايت صرف ان لاءِ ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.