نوابشاهه ۾ عورت سان مبينا لڄالٽ، احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد ائيرپورٽ ڪالوني جي رھواسڻ ڇھن ٻارڙن جي ماءُ زينب گوپانگ زال عبدالرشيد لکمير نوابشاهه پريس  ڪلب پھچي دانھيون آھي ته مون 16 سال اڳ پنھنجي استاد عبدالرشيد لکمير سان پيار جو پرڻو ڪيو ھئو جنھن مان مونکي 6 ٻارن جو اولاد آھي، ھن چيو ته منھنجو مڙس گڙدن جي بيماري سبب علاج ڪرائڻ لاءِ اڪثر ڪراچي ويندو ھيو ته منھنجي مڙس جي سوئٽ جو پٽ تيمور لکمير منھنجي مڙس جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي زبردستي منھنجي ڪمري ۾ داخل ٿي مونسان لڄالٽ ڪئي ۽ ڇھن مھينن کان مونکي بليڪ ميل ڪري مونسان جنسي زيادتي ڪندو رھيو، ھن چيو ته مان بيزار ٿي انڪار ڪيو ته ھن مونتي الزام لڳايا ته ھي عورت بدڪردار آھي جنھن کان پوءِ منھنجي مڙس مونکان منھنجا ٻارڙا کسي مونکي طلاق ڏئي گھر کان نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ ھاڻي مان پنھنجي ماءُ پيءِ وٽ رھان ٿي، ھن چيو ته مون سان زبردستي زيادتي ڪندڙ تيمور لکمير خلاف ايس ايس پي نوابشاهه ائيرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آھي پر پوليس مونکي پنجن ڏينھن کان رلائي رھي آھي جڏھن ته جوابدار مونکي والدين جي گھر اچي مونکي موتمار ڏئي رھيو آھي،. ٻئي طرف ايس ايچ او ائيرپورٽ غلام اويس مڱريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھنن جو گھريلو مسئلو آھي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.