پني عاقل ۾چور سوگها ڪرڻ جو پلاند، ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن جي مٿو ڪوڙي تذليل

پنوعاقل؛(ن ع آ)2 ڏينھن اڳ سانگي ٿاڻي آڏو ڳوٺ ميھر جتوئي مان ٻڪريون چوري دوران جتوئي برادري جي ڳوٺاڻن گلزار ۽ علي  رضا جاگيراڻي کي چوري ڪندي پڪڙي علي رضا جاگيراڻي جو اڌ مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي سانگي پوليس حوالي ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه ڏينھن سکر کان پنوعاقل وين ھلائيندڙ عبيد ۽ نظير جتوئي کي جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن دبر موڙ وٽان ويگن مان لاھي ڪچي طرف کڻي پلاند ۾ ٻنھي ڄڻن جو اڌ مٿو، اڌ ڏاڙھي،اڌ مڇون ڪوڙي ڳچن ۾ لترن جا ھار وجھي تذليل ڪرڻ بعد سانگي دبر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جاگيراڻي ۽ جتوئي برادري جي ماڻھون ۾ ھڪ ٻي خلاف ڪاوڙ جي لھر ڇائيجي وئي آھي،ان ڏس ۾ جتوئي برادري جي ماڻھون جو چوڻ آھي ته ھنن جاگيراڻين جا 2 ماڻھون گلزار ۽ علي رضا جاگيراڻي ٻڪريون چوڪري ڪندي سوگھا ڪيا ھئا ۽ جاگيراڻين اسان جي ٻن راھگيرن کي ويگن تان لاھي ڏينھن ڏٺي جو جيڪا تذليل ڪئي آھي اھا برداش ڪرڻ جھيڙي نه آھي،ان ڏس ۾ اھي به اطلاع آھن ته جتوئي جاگيراڻي جي اھڙي تذليل واري عمل کانپوءِ ڪنھن به وقت اڻ وڻندڙ واقعيو پيش اچي سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.