ڪراچي ۾ ڪرپشن ۾ ملوث 39 نادرا ملازم معطل

ڪراچي (رپورٽر) نادرا چيئرمين ڪرپشن ۾ ملوث 39 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو. چيئرمين نادرا طارق ملڪ پنهنجي ريجنل هيڊ آفيس ۽ نادرا جي مختلف آفيسن جو هنگامي دورو ڪيو ۽ ماڻهن کان انهن جي مسئلن بابت پڇا ڪئي ۽ انهن کي موقعي تي ئي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ جو چوڻ هو ته 39 ملازمن کي ايجنٽ مافيا سان تڪرار ۽ عورتن سان بدتميزي تي معطل ڪيو ويو، بدعنوان عنصرن کي قاعدن ۽ ضابطن جي مطابق سزا ڏني ويندي. هن چيو ته نادرا جي محدود وسيلن جي باوجود ملازمن جي بهترين مفاد کي بنا ڪنهن فرق جي ملازمن جي پگهار ۾ واڌ ڪئي وئي، هن چي ته ڪراچيءَ ۾ نادرا آفيسن جي ڪارڪردگي بهتر ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي، قومي اداري ۾ ناقص ڪارڪردگي، بدعنواني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو. 39 ملازمن کي ايجنٽ مافيا سان ملي ڀڳت ۽ عورتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي، اداري جي بدعنوان عنصرن کي قاعدن ۽ ضابطن مطابق سزا ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.