شهباز شريف جو ايف آءِ اي تي هراسان ڪرڻ جو الزام

لاهور ( ڊ ) عدالت ايف آءِ اي ٽيم کي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،عدالت شگر جاچ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، شهباز شريف ايف آءِ اي جاچ ٽيم مٿان هراسان ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته مون شگرملز ۾ پنهنجي فيملي جو اربين رپين جو نقصان ڪيو، پنهنجي کنڊ عوام لاءِ سستي ڏني،  شهباز شريف چيو ته منهنجي خلاف نيب کان پوءِ  ايف آءِ اي کي به ساڳيا ڪيس ڏنا ويا، مون تي اڄ الزام لڳايا پيا وڃن ته مون منصوبن ۾ ڪميشن کاڌي آهي،ايف آءِ اي جي ماڻهن مون سان بدتميزي ڪئي،  مون کان جڏهن برداشت نه ٿيو ته مون بيهي چيو ته اوهان ايئن ڇو ڪري رهيا آهيو؟ پر ان باوجود ايف آءِ اي جا آفيسر وڏي آواز ۾ کلي منهنجو مذاق اڏائيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.