ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ رياضي جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ

ڪشمور/لاڙڪاڻو(نمائندا)ڪشمور ۾ رياضي جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ نائين جي رياضي جي پيپر دوران امتحاني سينٽرن تي خانگي اسڪول انتظاميا ديرا ڄمائي ڇڏيا في شاگرد کي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ 15 سئو رپيا رشوت وصول ھاءِ اسڪول ٽائون ۾ سرعام پنجاب کان آيل شاگردن ڪاپي ذريعي پيپر حل ڪيو سکر کان آيل امتحاني مرڪزن تي وزٽ ڪندڙ ٽيم چار ڄڻن جي جاءِ تي ٻين کان پيپر حل ڪرائڻ تي ٽيم عملدارن  اميدوارن جا سيٽ نمبر ۽ ڪاپي جا سيريل نمبر نوٽ ڪيا ويا  ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سگا جي تعاون سان ھلندڙ ڪشمور جي خانگي اسڪول انتظاميا طرفان اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻين کي سرڪاري امتحاني سينٽرن تي امتحان ۾ پيپر دوران ڪاپي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ 15 سئو رپيا رشوت طور وصول ڪيا پيا وڃن ، هوڏانهن  لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ ڪالهه نائين ڪلاس جي رياضي جو پرچو ورتو ويو. لاڙڪاڻي شهر جي اڪثر امتحاني سينٽرن ۾ صبح جي وقت سواليه پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ ايندي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اميدوارن جا مٽ مائٽ، دوست توڙي واسطيدار شهر جي فوٽو اسٽيٽ مشينن ۽ واٽس ايپ جي ذريعي حل ٿيل پرچو اميدوارن ڏينهن اماڻيندا رهيا جتي امتحاني سينٽرن ۾ اميدوار انويجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ گائيڊن ۽ موبائيل فونن جي ذريعي سواليه پيپر حل ڪندا رهيا. هوڏانهن شهر جي ڪجهه امتحاني سينٽرن ۾ سيپڪو طرفان صبح کان وٺي منجهند تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.