خيرپور ڀرسان پورهيت مامو، ڀاڻيجو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

خيرپور ( س ر) خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد   مان ٻه پورهيت نوجوان مختيار علي ڪانڌڙو ۽ مسعود ڪانڌڙو عورتاڻي آواز  تي هرکجي اغوا  ٿي ويا آھن  ھن سلسلي ۾ اغوا ٿي ويل پورهيتن جي وارثن علي احمد ڪانڌڙو ، محمد علي ميڊيا کي ٻڌايو ته 2  نوجوان  جا موبائيل فون نمبر شاهه حسين خيرپور جي ٿاڻي جي حد ۾  بند  ٿي ويا آھن  جنهن جواطلاع حد جي ٿاڻي ٽنڊومستي کي ڏيڻ باوجود پوليس ڪو به سهڪار ڪرڻ لاء تيار ناهي .  وارثن  ٻڌايو ته پورهيت خيرپور مزدوري ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ گهران نڪتا هئا جيڪي واپس نه ٿي سگھيا آهن انهن جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي  جڏهن ته مغوين  جي موبائيل فون جي ٽريسنگ پنو عاقل جي علائقن ۾ ٻڌائي پئي وڃي ، آخري اطلاعن تائين هرکجي اغوا ٿيل پورهيتن جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ، ياد رهي ته خيرپور ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آھي جڏهن ته خيرپور پوليس هڪ  مهينو اڳ شاهه حسين ٿاڻي جي حد مان پر اسرار نموني اغوا ٿي ويل  زميندار علي محمد ڦلپوٽو کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.