جيڪب آباد: ايس ايس پي جرڳي جو نوٽيس ورتو، ڪيس داخل

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي فيصلي ۾ پوليس اهلڪار تي چٽي رکڻ جو ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي جرڳي جي سرپنچ ۽ پوليس اهلڪار سميت ڏوهاري جي وارثن تي ڪيس داخل، تفصيل موجب جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام زمانا ڌاڙيل ڪالي بنگلاڻي جو جرڳو منعقد ڪرڻ جو ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ نوٽيس وٺندي جرڳي جي سرپئنچ بنگلاڻي قبيلي جي مقدم غلام رسول بنگلاڻي ۽ پوليس اهلڪار سب انسپيڪٽر چوڪي انچارج علي گل چولياڻي سميت ڌاڙيل جي وارثن تي به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ايڇ او محمد حسن ملڪ جي مدعيت ۾ دفعه 383 پي پي سي جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس داخل ڪرڻ جي بعد پوليس گهربل ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا آهن پر اڃا تائين ڪو به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي واضح رهي ته جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ 8 جولائي تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل ڪالي بنگلاڻي جو جرڳو بنگلاڻي قبيلي جي مقدم غلام رسول بنگلاڻي جي سرپئنچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ پوليس اهلڪار سب انسپيڪٽر علي گل چولياڻي تي ڌاڙيل کي مارڻ جو 8 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.