جاپان ۾ تيز برسات 9 ڄڻا فوت. 20 گم

ٽوڪيو(م ڊ) جاپان جي شهر اتامي ۾ تيز برسات سبب مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 20 گم ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته تيز برسات سبب مٽي جي ڇپ ڪرڻڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 20 ڄڻا گم ٿيا آهن. برسات سبب متاثرن ڪاگوشيما جي صوبي ۾ 100 ويجهو انخلا جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته هيل تائين جاپان ۾ ٿيندڙ برسات سبب ستگوسما، ڪاگوشيما صوبي ۾ 96.5 ملي ميٽر برسات في ڪلاڪ ۽ ميازا جي صوبي ۾ 83.5 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ميرپورخاص ۾ امتحان جاري، غفلت تي 8 انويجيليٽر معطل

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحانن 2021 دوران تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي چيئرمين برڪت علي حيدري پاران جوڙيل ويجيلينش ڪاميٽن تعليمي بورد جي ڪنٽرولر انورعليم راجپوت ۽ سيڪريٽري تعليمي بورڊ انيس الدين صديقي جي اڳواڻي ۾ ڊويزن جي مختلف امتحاني سينٽرن تي اوچا ڇاپا هڻي ڪاپي ڪلچر روڪڻ ۽ ايس اوپيز تي عمل ڪرڻ جي والي سان معائنو ڪيو جڏهن ته مختلف امتحاني سينٽرن تي دورن دوران ويجيلينس ڪاميٽين پاران ڊيوٽي ۾ غفلت برتڻ جي الزام هيٺ 8 انويجيلٽرن کي معطل ڪيو ويو.

انگلينڊ پاڪستان کي ٻي ون ڊي ۾ 52 رنسن تان  هارائي ڇڏيو

لنڊن ( اسپورٽس نيوز ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ٻي ون ڊي ۾ 52 رنسن تان  هارائي ڇڏيو، انگلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 46 اوورن ۾ 247 رنسون ٺاهيون،  پاڪستاني ٽيم 41 اوورن ۾ 195 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، برسات سبب ميچ 46 اوورن تائين محدود ڪئي وئي هئي، پاڪستان طرفان حسن علي 5 وڪيٽون ورتيون،حارث رئوف 2 وڪيٽون ورتيون، انگلينڊ پهرين ون ڊي ۾ به پاڪستان کي هائي ڇڏيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.