ڪراچي ۾ ڦر ، نوجوان زخمي، پوليس ڪارروايون، 25 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن  مان ھڪ پيرسن جو لاش ھٿ ڦورن جي ڦر دوران فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو پڻ زخمي ٿي پيو .   سرجاڻي ٽائون  سيڪٽر 4 بي ساجدا شادي ھال ڀرسان لاش مليو، مقتول جي لاش جي سڄاڻپ 65 سالن جي فاروق ولد راڻا عبدالقيوم جي نالي ٿي. ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪراچي پبلڪ اسڪول جي ڀرسان ڦر دوران مذاحمت تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ 35 سالن جو نوجوان اساما ولد مرتضي کي گولي ھڻي زخمي ڪيو .هوڏانهن پوليس 3 زخمي ڏوھارين سميت 25 کان وڌيڪ ڏوھارين کي گرفتار ڪري ھٿيار منشيات موٽر سائيڪليون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو

ڪراچي شرافي ڳوٺ ۾ جهيڙو، گارڊ جي فائرنگ، نوجوان قتل، هڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي ۾ شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڪورنگي  جي علائقي سنگر چورنگي ۾ واقعي مون سي اين جي پمپ ڀرسان جھيڙي دوران  سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾  21 سالن جو نوجوان اسد محمود ولد عبدالڪريم قتل ٿي ويو . جڏھن ته  38 سالن جو فرحان احمد ولد حاجي گلزار زخمي ٿي پيو اطلاع ملندي پوليس پھچي جوابدار 62 سالن جي سيڪيورٽي گارڊ غلام حسين کي گرفتار ڪري ورتو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.