ڪورونا جي چوٿين لهر، شادي هال ۽ ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو اشارو

اسلام آباد (م ڊ) اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر بابت خبردار ڪندي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، اسد عمر چيو آهي ته 2هفتا اڳ ٻڌايو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪورونا جي چوٿين لهر جا امڪان ظاهر ڪري رهي آهي، چوٿين لهر بابت 2هفتا اڳ خبردار ڪيو هو، هاڻي ڪورونا جي چوٿين لهر شروع ٿيڻ جو علامتون ظاهر ٿي رهيو آهن، اسد عمر چيو ته شادي هالز، هوٽل ۽ جم مالڪن ذميواري نه ڏيکاري ته سهولت بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه آهي.

مريم نواز کي ڪشميري وڳن ۽ هار جي سوکڙي

شارده (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي شارده ۾ ن ليگ جي چونڊ جلسي دوران مقامي عورتن مريم نواز کي ڪشميري وڳن ۽ جيولري جو تحفو ڏنو.ن ليگ نائب صدر مريم نواز چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شارده پهچي عوامي جلسي سان خطاب ڪيو ۽ تحريڪ انصاف تي ڇتي تنقيد ڪئي.ان موقعي تي مقامي عورتن اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ کي ڪشميري وڳا ۽ ڪشميري هار به پارايو.

پيرپاڳاري جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي/ پير ڳوٺ (نمائندا) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي.ڪنگري هائوس جي ترجمان ڪليم الله وساڻ موجب پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه، پير سيد صدرالدين شاهه ۽ پير سيد علي گوهر شاهه راشدي جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.سندس چوڻ هو ته پير پاڳاري حر جماعت، ويجهن مائٽن، عقيدتمندن ۽ دوستن کي درخواست ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر سبب پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ رهي مغفرت جي دعا ڪن.واضح رهي ته پير پاڳاري جي ماءُ سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل هئي، جتي علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي، هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو پير پاڳاري جي امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن پيرصدرالدين شاهه راشدي ۽ پير علي گوهر راشدي سان به تعزيت جو اظهار ڪيو آهي هوڏانهن اهڙي خبر پهچڻ تي پيرجوڳوٺ شهر سوڳ ۾ بند ٿي ويو ۽ غم جي لهر ڇانئجي وئي . مرحومه جي ميت ايمبولينس ذريعي پيرجوڳوٺ درگاهه شريف آندي وئي . مرحومه جي جنازي نماز درگاه شريف روزي ڌڻي ۾ مفتي دوست علي سڪندري پڙهائي، جنازي نماز ۾پير پاڳاري،صدر الدين شاه راشدي سميت   پير پاڳارا خاندان ۽ گيلاني ۽ جيلاني خاندانن جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي مرحومه کي اباڻي حوالي ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.