ڪوشش ڪنداسين ته افغان پناهگيرن کي ٻين صوبن ۾ ئي ترسايو وڃي: سنڌ سرڪار

خيرپور ( رپورٽ : شاهد نواز سيال )  سنڌ جي اطلاعات، ٻيلي کاتي ۽ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه خيرپور ۽ سکر  جو دورو ڪندي  سنڌوءَ درياهه ڪناري تاريخي ماڳ ستين جي آستان وٽ  خيرپور ، سکرسميت سنڌ جي مختلف ڪچي جي علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي ۽ وڻ پوکڻ لاءِ 14 ٻيڙيون لاڳاپيل فاريسٽ ڊويزنن جي حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته معمول واري ٻوڏ جو پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪچي جي ٻيلن ۾ ٻيڙين جي مدد سان ٻٻر ۽ ٻين وڻن جي ٻج جي ڇٽ ڪئي ويندي ته جيئن ٻيلا اصل حالت ۾ بحال ٿي سگهن، جڏهن ته قبضا گيرن کان خالي ڪرايل ٻيلن جي زمينن تي پڻ لکين وڻ پوکيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلي کاتي جي 2004 ۽ 2005 ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن جي ڪيل ليزز ڪينسل ڪيون ويون ۽ سنڌ حڪومت اُها لکين ايڪڙ زمين خالي ڪرائي آهي اتي هاڻي ٻيلا بحال ڪري ٻٻر، نم ۽ هتانجي مقامي وڻن کي پوکيو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ريلوي، ايريگيشن يا ٻين کاتن جي آپريشنل زمينن تي قبضا هٽائڻ ۾ مدد ڪئي ويندي هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته موجوده وفاقي حڪومت سبب عام ماڻهو پريشان آهي، معاشي ترقي ۽ ناڻي جا ذخيرا وڌڻ جون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن جي پاليسين ۾ عوام ناخوش آهي، اسين نه ٿا چاهيون ته هڪ ڏينهن به وفاقي حڪومت هلي، اپوزيشن جون پارٽيون حڪومت کي هٽائڻ واري نقطي تي ته متفق آهن. مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بڻائڻ بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته نان اشو کي اشو بڻايو پيو وڃي، مرتضيٰ وهاب ايماندار، پڙهيل لکيل ۽ هوشيار ۽ اُردو ڳالهائيندڙ سنڌي جيڪو ڀٽي صاحب جو حقيقي جيالو آهي ۽ اها ئي ڳالهه شايد گورنر صاحب يا ڪجهه ٻين ماڻهن کي بري لڳندي هُجي، جڏهن اها ڳالهه ميڊيا تي به اچي وئي آهي ته آئون سپورٽ ڪيان ٿو ته مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڪراچي جي ماڻهن جي چڱي ريت خدمت ڪري، تنهن هوندي به ٻڌائيندو هلان ته في الحال اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو جهڙي ريت پيش ڪيو پيو وڃي. نيب نوٽيس ملڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته نوٽيس ملندا رهندا آهن اها نئين ڳالهه ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته ضياءَ الحق جي ڪاري دور ۾ افغان مهاجرن کي ڪيمپ ۾ رهائڻ بدران مليل رعايتن، پاسپورٽن ۽ ٻين شين جي ڪري اسان تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، سڄي دُنيا ۾ پاڪستان جو اميج انهن ماڻهن جي ڪري ئي خراب ٿيل آهي ته اُهي پاڪستان جي پاسپورٽ تي وڃي منشيات ۽ ٻيا ڏوهه ڪندا آهن انڪري بدنام پاڪستاني ٿيندا آهن، هن ڀيري وفاقي حڪومت کي سوچي سمجهي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ساڳئي صورتحال پيدا نه ٿئي، خاص طور تي سنڌ جنهن تي پهريان ئي ٻين علائقن جي ماڻهن جو بار آهي اسان ڪوشش ڪندا سين ته جيڪڏهن افغان مهاجر پاڪستان اچن ٿا ته انهن کي وفاقي حڪومت ٻين صوبن ۾ رهائڻ جا انتظام ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.