بلوچستان جومسئلو آساني سان حل نه ٿيندو: اختر مينگل

اسلام آباد(م ڊ) بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو، سندس قبر تي تالا هنيا ويا، بلوچستان مان هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن، ڪجه قوتون نٿيون چاهين ته بلوچستان جو مسئلو حل ٿئي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بلوچستان جو مسئلو ائين حل نه ٿيندو،بلوچستان عوامي پارٽي جي  سيينٽر سرفراز بگٽي چيو ته عام بلوچ ناراض آهن، باقي جيڪي ٻاهر سردار ويٺل آهن انهن جو ڪو به مسئلو ناهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ پنجابين ۽ ٻين قومن جو ذڪر ڇو نٿو ڪيو وڃي، رڳو بلوچ گم ٿيلن جو ذڪر ڪري رياست خلاف پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي، باپ جي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به وفاق ۽ رياست کي مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو،رياست بلوچستان ۾ استحڪام چاهي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.