ذو الحج جو چنڊ نظر نه آيو ، عيد21 جولاءِ تي ٿيندي

ڪراچي (رپورٽر ) ملڪ ۾ ذو الحج جو چنڊ نظر نه آيو ۽ عيد الاضحيٰ 21 جولاءِ اربعا ڏينهن ملهائي ويندي، ذو الحج مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ موسميات کاتي جي اختيارين به شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ ذي الحج مهيني جو چنڊ نظر ناهي آيو ۽ پهرين ذو الحج سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي، جڏهن ته عيد الاضحيٰ اربع 21 جولاءِ تي ملهائي ويندي.رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين موسميات کاتي پاڪستان جي پهرين ڪمپيوٽرائيزڊ دور بين آهي جنهن کي چنڊ ڏسڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.