سنڌ ۾ اختيار رکندڙ لاتعلق بڻيل آهن: مهتاب اڪبر راشدي

ڪراچي(رپورٽ: صادق سومرو) ناليواري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي موسيقي جي ساز ”چنگ“ تي تحقيقي ڪتاب جي مهورتي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي،يوسف شاهين،مدد علي سنڌي، شيخ عزيز جي نياڻي  منيزه عزيز،،ناليواري راڳي ذوالفقار علي قريشي،اي ايڇ خانزاده، اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفري،ڊاڪٽر ايوب شيخ،اعجاز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته خدا هن سنڌ صوبي کي بچائي ڇو ته جن جي هٿ ۾ اختيار آهي اهي لاتعلق آهن،مستقبل جو اونو رکندڙ ماڻهن جي کوٽ ٿي وئي آهي،اهڙن ماڻهن لاءِ اهو پيغام آهي ته جيئن خراب نالن سان يزيد ۽ چنگيز خان آهن جن تي لعنتون پون ٿيون، زنده رهڻو آهي ته زبان کولڻي پوندي، ٻن سالن کانپوءِ ٻيهر رينگٽ شروع ٿيڻ وارو آهي، شيخ عزيز وکري ٽائپ ماڻهو هيو، اولا به گهڻو پرايو آهي، هن چيو ته اڄ ڪل ٽڪ ٽاڪ تي بڪواس ٿي رهي آهي انهن جا ڪروڙين فالورز آهن،اهڙي سوسائيٽي ۾ شيخ عزيز پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سنڌ تي ڪيترين ئي قومن ڪاهون ڪيون ۽ پنهنجو شيون کڻي آيا. نامياري راڳي ذوالفقار  علي قريشي چيو ته شيخ عزيز هن ڪتاب ذريعي چنگ کي محفوظ  ڪرري  ورتو آهي، شيخ عزيز جي نياڻي  منيزه عزيز چيو ته شيخ عزيز موسيقي جو نه رڳو ڄاڻو هو پر هو طبلو هارهومنيم ۽ سارينگي سميت ستار  به وڄائيندو هو، ان موقعي تي يوسف شاهين چيو ته شيخ عزيز جهڙا سٺا دوست ڇڏي ويا، سنڌ تي ڌارين جي ڪاهه جو سلسلو رڪجي نه سگهيو،مدد علي سنڌي چيو ته سنڌي صحافت جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، هر سيٽ تي مالڪ ويٺا آهن،ملازمن کي پگهارون نه ٿيون ملن، سنڌ هزارين سالن جي قديم تهذيب جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي،هن چيو ته بوڙينڊو موئن جي دڙي مان مليو،چنگ وڄائڻ وارو به ڪوئي هڪ آهي،ان موقعي تي اي ايڇ خانزاده چيو ته شيخ عزيز جا لکيل ورق وقت سان گڏ کلندا پيا وڃن، هو ملڻو جلڻو ماڻهو هو، اڄوڪي ڊيجيٽل دور کي شيخ صاحب چنگ سان متعارف ڪرايو آهي. طارق عزيز چيو ته بابا جي وصيعت مطابق ڪتاب جي مهورت ڪئي آهي، پريس ڪلب بابا جو ٻيو گهر هو، ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ مدد علي سنڌي جو وڏو سهڪار هيو، اختر گاهي چيو ته اسان وٽ عظيم ڄاڻون ماڻهو  آهن جن مان شيخ عزيز به هڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.