سونامي جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سونامي جو دور ختم ٿي رهيو آهي. هاڻ فلاحي مملڪتجو دور اچڻ وارو آهي. انتخابي اصلاحات جو مڪمل پيڪيج سياسي جماعتن کي موڪليو ويو. متناسب نمائندگي جي اصول کي اپنائي ڪري جمهوريت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. شفاف چونڊن کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف به ڀرپور تحريڪ هلائي رهيا آهيون. حلقن جي سطح تائين عوام کي منظم ڪيو ويندو. حڪومتي پاليسين جي ڪري عام شخص جي زندگي به مسئلن جو انبار بڻيل آهي. جماعت اسلامي ملڪ ۾ اسلامي نظام کي قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي. اسلامي حڪومت جو ڪم ماڻهن کي صرف سزا ڏيڻ نه آهي پر هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ رياست جي هر شهري کي پنهنجا حق ملي سگهن. اميرن ۽ غريبن جي لاءِ هڪ جهڙو قانون هوندو ۽ عوام کي انصاف ان جي دروازي تي ملندو. ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪاروملندو انهن خيالن جو اظهار ان منصوره لاهور ۾ مرڪزي سياسي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سياسي ڪونسل جا ذميوار ۽ عهديدار به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.