ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ نصيرآباد واسي 15هين ڏينهن به سراپا احتجاج

باڊھ (ن ع آ )عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ 15 ڏينهن به مسلسل احتجاج  عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد ۽ وارثن جي سڏ تي اڄ پندرهين ڏينهن به پورهيت، سياسي ،سماجي تنظيمن ۽ عورتن جي سوين انگ تي مشتمل ريلي ۽ ڌرڻو.سوين عورتن، ٻارڙن، نوجوانن جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي، موبائيل مارڪيٽ چونڪ تي ڌرڻو هنيو.ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي عورت سيڪريٽري ڪامريڊ عاليه بخشل  چيو ته مذهب ۾ ٽن ماڻهن جي شاهدي ڪافي هوندي آهي پر هن رياست، حڪومت کي سوين ماڻهن جي گواهي جي به پرواهه ڪونهي. مسلسل پندرهن ڏينهن مذهبي، سياسي، سماجي ، عورت، مزدور ۽ شاگرد تنظيمن جو احتجاج سينگار نوناري جي عوامي مزاحمت ۽ عوامي سياست جي ساک جي ثابتي آهي. پر سنڌ حڪومت جي لاتعلقي ، بي حسي ثابت ڪري ٿي ته اها عوامي، جمهوري ،ترقي پسند سياست جي کنڀجڻ ۾ راضي آهي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عنايت تنيو چيو ته اسان ذميوار شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جو ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ مسلسل پندرهين ڏينهن جو احتجاج ثبوت آهي ته ڪامريڊ بي ڏوهي آهي. سجاڳ شهري اتحاد جي نائب صدر منظور اوڍاڻو، شهري اتحاد نصيرآباد سيڪريٽري مولوي حسن بازري، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو شيراز پتوجو چيو ته ڪامريڊ سينگار نوناري پرامن عوامي ، پورهيت اڳواڻ آهي.احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ شهري اتحاد نصيرآباد، سجاڳ شهري اتحاد، رائيس ملز مزدور يونين ،پيپيلز پارٽي شهيد ڀٽو، نون ليگ، قومي عوامي تحريڪ، ڪمنان، نمنان ، نمسوا ، بوٽ هائوس يونين، جنرل اسٽور يونين ، جي يو آئي، اڏا مزدور يونين ، ٽائون ورڪز يونين ، ڪبوا ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ٽئڪسي اسٽينڊ يونين، فوڊ ائنڊ گرين مرچنٽ ايسوسيئيشن، ناري جمهوري محاذ ، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسوِ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.