بلاول ڀلي 3 ڀيرا آمريڪا وڃي، عمران مدو پورو ڪندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول هڪ نه پر 3 ڀيرا آمريڪا وڃي وزيراعظم پنج سال پورا ڪندو، افغانستان ۾ اسان امن جا خواهشمند آهيون. پنهنجي زمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان جا ماڻهو جيڪو فيصلو ڪندا اهو اسان کي قبول هوندو، آرمي چيف پاڻ امن لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.هن چيو ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير چونڊ کان پوءِ اپوزيشن  ۽ حڪومت جا لاڳاپا بهتر ٿيندا، هن چيو ته پنج آگسٽ جو قانون واپس وٺڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون،  آزاد ڪشمير جو ڪيس عمران خان گڏيل قومن سميت سموري دنيا ۾ اٿاريو آهي.

عزير بلوچ خلاف ڪيس ۾ مئجسٽريٽ جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ  جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سينٽرل جيل ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عزير بلوچ خلاف مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن  دوران مسلسل  غير حاضر رهندڙ مئجسٽريٽ عمران امام زيدي جو ويڊيو لنڪ  ذريعي بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، واضح رهي ته عزير بلوچ پنهنجي 164 واري بيان تان ڦري ويو آهي، جڏهن ته بيان رڪارڊ ڪندڙ مئجسٽريٽ کي بار بار طلب ڪيو ويو پر نه اچڻ تي بيان وڊيو لنڪ تي وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.