لکين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊن تي خدشا،ڌاري آبادڪاري روڪڻي پوندي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) بحريه ٽائون سميت سنڌ جي زمينن تي ولار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي۾ ميرپورخاص جي مارڪيٽ چوڪ تي منعقد ڪيل جلسي لاءِ ايس ٽي پي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جسم سربراهه رياض چانڊيو، اسلم خيرپوري جي ميرپورخاص ٽول پلازه تي پهچڻ تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران سندن شاندار استقبال ڪيو ويو پهتل اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪئي ويئي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، روشن ٻرڙو، اسلم خيرپوري، مسرور شاه، نورنبي راهوجو حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته سنڌجو اصل دشمن زرداري ۽ پيپلز پارٽي آھي،اسانجي توانائي جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آھي، پ پ جا اسيمبلي ميمبر سنڌ واسين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن جي حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جيڪي سنڌ جي وسيلن جي ڳالهه نٿا ڪن اسان سمجهون ٿا ته اھي غدار آھن، سنڌ کي هڪ سازش تحت عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي جتي اُنهن ڌارين کي پناهه ڏني پئي وڃي جن کي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ اچڻ ۽ ملڪيتن جي خريداري تي پابندي لڳل آهي پر سنڌ ۾ کين آباد ڪرڻ جي آزادي آهي اهڙين سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آهي اسانجو مقصد سنڌ جو مقدر تبديل ڪرڻو آهي سنڌ هن وقت واڳوئن جي وات ۾ آھي اسان اھڙي نئين سنڌ چاھيون ٿا جتي جاگيردار غريب جو گرهه کي کسي عياشي نه ڪري سگھي، هنن چيو ته بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ٺاھي سنڌين کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ چاھين ٿا، جن کي اسان پنهنجو ڀائر سمجھي عزت ڏني ڌرتي تي پناهه ڏني انهن جي اولاد ۽  وفاقي وزير خالد مقبول جھڙا ماڻهو سنڌ کي ورهائڻ جو اعلان ڪندي تم اُدهر هم اِدهر جو نعرو هڻن ٿا اسان کيس ٻڌايون ٿا ته وطن جي دشمن جي قبر کي سنڌ ۾ جڳهھ نه ملندي سنڌ خلاف سازش ڪندڙن کي سنڌ جا حلالي پٽ ڪڏهن بخش نه ڪندا سندن ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا هنن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڪونهي زراعت تباھ ٿي رهي آهي انسان توڙي جانورن لاِ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ، ھڪ طرف پنجاب پاڻي پاران سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، ٻيطرف ٿر جي اٻوجھ ماڻهن کي روزگار جي نالي تي ٿرڪول ۾ رکي بي پهچ ۽ غريب پورهيت دودي ڀيل کي قتل ڪيو ويو اها ترقي نه پر تباھي آھي، 50 لک ڌارين کي نادرا پاران ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن شرم ڪرڻ گهرجي انهن کي  جن جي هوندي سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، هنن چيو ته  بحريا ٽائون احتجاج دوران سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي ، سنڌ جي قومپرست آڳواڻن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا اسان جھڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا نه آھيون هنن چيو ته سنڌ جي صحافين بحريه ٽائون معاملي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري عوام جي ترجماني ڪئي آهي، جڏهن ته قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد سنڌ جي وڪيلن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ، هنن چيو ته جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙا بند نه ٿيا ته ايڪشن ڪميٽي پاران ڪراچي ۾سنڌ اسيمبلي۾ ويٺل غدارن جو گھيراء ڪيو ويندو،ان موقعي تي ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.