ڪراچي ۾ٽن ڏينهن تائين ڪڻ ڪڻ بعد برسات جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ 15 جولاءِ کان سانوڻيءَ جي پهرئين مينهن جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران شهر ۾ موسم جهڙالي رهندي، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ڪَڻ ڪَڻ جو امڪان آهي، ان دوران سامونڊي هوائون بحال رهنديون، جڏهن ته شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي،موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ 15 جولاءِ کان ساوڻيءَ جي پهرئين مينهن جو امڪان آهي، 15 کان 17 جولاءِ تائين شهر ۾ مينهن وَسي سگهي ٿو ۽ وچئين درجي جي مينهن جو امڪان آهي، سانوڻيءَ جي پهرين اسپيل ۾ 10 کان 22 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.