صالح پٽ: نارا ڪئنال جي ڪپ تي واڳون معصوم نينگري کي ڳيهي ويو

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) صالح پٽ جي علائقي آر ڊي 115 جي ڳوٺ بارگاهه ۾ الله وسايو مهر جي گهرواري سان گڏ ويٺل ڌيءَ 4 سالن جي سعيده کي نارا ڪئنال ڀرسان ڪپڙا ڌوئيندي واڳون کڻي نارا ڪئنال ۾ هليو ويو آهي، ٻارڙي سعيده نارا ڪئنال جي ڪپر تي بيٺي هئي ته واڳون کيس چڪ هاڻي ماري لاش کڻي ويو آهي، واقعي بعد وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ تي پهچي ٻارڙي جي لاش جي ڳولها ڪئي پر سندس لاش هٿ ناهي اچي سگهيو، ٻارڙي جي گهر ۾ قهرام متل هو، سندس پونئر اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيا هئا ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي الله وسايو مهر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته نارا ڪئنال ڀرسان سندس گهرواري ۽ ڌيءَ بيٺا هئا ته اوچتو واڳون حملو ڪري سندس ڌيءَ کي ماري کڻي ويو آهي، واڳون جو قد 16 فوٽ جي لڳ ڀڳ هو، ٻي طرف وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان احمد کانئن سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته معاملي  جي جانچ ڪري رهيا آهيون واقعي جو نوٽيس وٺندي 5 رڪني ڪميٽي جوڙي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن، ٻارڙي جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، نارا ڪئنال جي ڪپرن تي رهندڙ ماڻهن کي اڳ به آگاهه ڪيو آهي ته ڪئنال ۾ واڳون موجود آهن ان طرف نه وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.