سنڌ ۾ ڪورونا سبب 17 مريض فوت، 920 نوان ڪيس

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 920 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب سنڌ ۾ 16 هزار 102 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران شرح 11.43 رڪارد ڪئي وئي،  ڪراچي ۾ 718 ڪيس مثبت آيا، حيدرآباد ۾ شرح 4.25 سيڪڙو آهي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اها شرح 1.85 سيڪڙو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.