پشاور ۾جنازي دوران طالبان جي حق ۾ نعريبازي

پشاور ( م ڊ ) پشاور جي علائقي ريگي ۾ هڪ جنازي ۾ شرڪت لاءِ آيل ماڻهن طرفان طالبان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي، پشاور ۾ گذريل رات ٿيل جنازي جي وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان ۾ شريڪ ماڻهن طالبان جي حق ۾ نعريٰ لڳايا ۽ هنن کي امارات اسلامي افغانستان جا جهنڊا به کنيل آهن، ٻئي پاسي پوليس جو موقف آهي ته جنازي بعد ڪجهه ماڻهو امارات اسلامي افغانستان جا جهندا کڻي آيا هئا، جاچ بعد لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته  افغانستان مان نيٽو فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان تيزي سان طالبان جي هٿن ۾ وڃي رهيو آهي، جنهن لاءِ افغان طالبان جي دعويٰ آهي ته  هو ملڪ جي 85 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪري چڪا آهن، طالبان جي قبضي بعد ان جو اثر ان جي پاڙيسري علائقن تي پئجي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.